گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران صوماليه ۾ آفريقي يونين مشن جي مدي ۾ هڪ سال جي واڌ

 گڏيل قومون - 24 ڊسمبر (اي پي پي )گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل صوماليه ۾ آفريقي يونين جي معاونت ۽ استحڪام مشن (اي يو ايس ايس او ايم ) جي اجازت ۾ هڪ سال جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. اها واڌ 31 ڊسمبر 2026ع تائين اثرائتي رهندي . پرڏيهي ميڊيا مطابق 15 رڪني سلامتي ڪائونسل قرارداد نمبر 2809 جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني جنهن ۾ ڊسمبر 2024ع ۾ منظور …

 گڏيل قومون – 24 ڊسمبر (اي پي پي )گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل صوماليه ۾ آفريقي يونين جي معاونت ۽ استحڪام مشن (اي يو ايس ايس او ايم ) جي اجازت ۾ هڪ سال جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. اها واڌ 31 ڊسمبر 2026ع تائين اثرائتي رهندي . پرڏيهي ميڊيا مطابق 15 رڪني سلامتي ڪائونسل قرارداد نمبر 2809 جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني جنهن ۾ ڊسمبر 2024ع ۾ منظور ٿيل قرارداد نمبر 2767 تحت طئي ڪيل اي يو ايس ايس او ايم جي ذميوارين جي به توثيق ڪئي وئي . ڄاڻايل قرارداد تحت ان مشن کي شروعاتي طورتي 12 مهينن لاءِ اختيار ڏنو هو . نئين قرارداد مطابق آفريقي يونين جي ميمبر ملڪن کي اجازت ڏني وئي آهي ته هو مقرر مدي دوران اي يو ايس او ايم تحت وڌ کان وڌ 11 هزار 826 وردي پهريل اهلڪار مقرر ڪن  جن ۾ 680 پوليس اهلڪار به شامل هوندا . قرارداد ۾ ان ڳالهه تي وڌيڪ زور ڏڀريو ويو ته صوماليه ۾ الشباب خلاف اثرائتي ڪارروائي ۽ ملڪ ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ اي يو ايس ايس او ايم ۽ صوماليه جي سيڪيورٽي فورسز کي وڌيڪ سهڪار فراهم ڪرڻ اڻٽر آهي . سلامتي ڪائونسل روايتي ۽ نئون عطيو ڏيندڙن تي زور ڀريو ته هو مشن جون مڪمل ذميواريون ادا ڪرڻ لاءِ ضروري مالي وسيلا فراهم ڪن . سلامتي ڪائونسل مطابق آفريقي يونين مشن جي مسلسل موجودگي صوماليه ۾ استحڪام، امن ۽ سيڪيورٽي کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.