بيجنگ - 24 ڊسمبر (اي پي پي) چين جي واپار واري وزارت چيو آھي ته آمريڪا پنھنجي طرز عمل تي قائم رھيو ته چين ضرور جوابي قدم کڻندو. پرڏيھي ميڊيا مطابق چين جي واپار واري وزارت جي ترجمان آمريڪا طرفان ڊرون سيڪٽر ۾ غير معتبر فراهمي جي فھرست ۾ توسيع تي ڳالھيون ڪندي چيو ته آمريڪا نام نھاد قومي سلامتي جي بھاني سمورن پرڏيھي ساخته ڊرون سسٽمز ۽ انھن جي …
آمريڪا ٻين ملڪن جي ڪمپنين کي دٻائڻ لاءِ رياستي طاقت جي استعمال تي قائم رھيو ته چين ضرور جوابي قدم کڻندو: چين جي واپار واري وزارت

مزید خبریں
بيجنگ – 24 ڊسمبر (اي پي پي) چين جي واپار واري وزارت چيو آھي ته آمريڪا پنھنجي طرز عمل تي قائم رھيو ته چين ضرور جوابي قدم کڻندو. پرڏيھي ميڊيا مطابق چين جي واپار واري وزارت جي ترجمان آمريڪا طرفان ڊرون سيڪٽر ۾ غير معتبر فراهمي جي فھرست ۾ توسيع تي ڳالھيون ڪندي چيو ته آمريڪا نام نھاد قومي سلامتي جي بھاني سمورن پرڏيھي ساخته ڊرون سسٽمز ۽ انھن جي اھم سامان کي غير معتبر فراهمي جي فھرست ۾ شامل ڪيو جنھن جي چين سختي سان مخالفت ڪري ٿو. هاڻوڪن سالن ۾ آمريڪا بار بار قومي سلامتي جي تصور کي واڌ ڏيندي چين جي ڪمپنين سميت ٻين ملڪن جي ڪمپنين کي دٻائڻ لاءِ رياستي طاقت جو استعمال ڪيو آھي، اھو عالمي منڊي کي خراب ڪرڻ ۽ ھڪ طرفي غنڊا گردي جو ھڪ عام مثال آھي. ترجمان چيو ته چين آمريڪا تي زور ڀريو آھي ته ھو پنھنجي غلط طرز عمل کي بند ڪندي لاڳاپيل قدمن کي فوري طور واپس وٺي، جيڪڏھن آمريڪا پنھنجي طرز عمل تي قائم رھيو ته چين يقيني طور چين جي واپاري ادارن جي جائز حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ ضروري قدم کڻندو.









