سعودي عرب ۾ سڀ کان وڏي موسمي ٻج اسٽوريج  گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ورتو

رياض-24 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي عرب ماحولياتي تحفظ ۽ پائيداري جي حوالي سان هڪ نئون سنگ ميل پار ڪندي دنيا جو سڀ کان وڏو موسمي ٻج اسٽوريج  قائم ڪندي گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب سعودي عرب 95 ٽن مقامي موسمي ٻج ڪاميابي سان اسٽور ڪيو، جيڪو سڄي دنيا ۾ سڀ وڏو رڪارڊ آهي اهو قدم  ماحوليات جي تحفظ جي حوالي سان مملڪت جي مثالي ڪوششن جي عڪاسي …

رياض-24 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي عرب ماحولياتي تحفظ ۽ پائيداري جي حوالي سان هڪ نئون سنگ ميل پار ڪندي دنيا جو سڀ کان وڏو موسمي ٻج اسٽوريج  قائم ڪندي گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب سعودي عرب 95 ٽن مقامي موسمي ٻج ڪاميابي سان اسٽور ڪيو، جيڪو سڄي دنيا ۾ سڀ وڏو رڪارڊ آهي اهو قدم  ماحوليات جي تحفظ جي حوالي سان مملڪت جي مثالي ڪوششن جي عڪاسي ڪري ٿو . ان حوالي سان لاڳاپيل ٽيمن  سڄو سال ڪوشش ڪئي ۽ ٻوٽن  جي 31  قسمن کي ڪاميابي سان گڏ ڪيو ،ٻجن جي درست پروسيسنگ ڪئي وئي جنهن کان پوءِ عالمي سطح تي مڃيل معيار موجب  انهن کي  اسٽور ڪيو ويو  ته جيئن انهن کي پوکڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي. ان اسٽوريج ۾ جنگلي ٻوٽا ۽  ساوڪ  لاءِ 95 ٽن کان وڌيڪ موسمي ٻج موجود آهن.گنيز بڪ ۾ رڪارڊ جي رجسٽريشن ماحولياتي پائيداري جي ميدان ۾ ڪيل ڪوششن جي ڪاميابي جي عڪاسي آهي جيڪا مملڪت جي ويزن 2030ع جي هدف ۾ به شامل آهي.