ٽوڪيو-24 ڊسمبر (اي پي پي) جاپان جي زراعت واري وزارت تصديق ڪئي آهي ته ڪيوٽو پريفيڪچر جي هڪ پولٽري فارم ۾ انتهائي خطرناڪ ايويئن انفلو ئنزا ( برڊ فلو ) پکڙجي ويو آهي جيڪو هلندڙ سال جي سيزن ۾ سڄي ملڪ ۾ سامهون آيل نائون ڪيس آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب ٻيلن ۽ زراعت واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب اهو ڪيس ڪيوٽو پريفيڪچر جي ڪاميو ڪا شهر ۾ موجود هڪ پولٽري فارم ۾ …
جاپان ۾ برڊ فلو جي تصديق ، ڪيوٽو ۾ نوان ڪيس رپورٽ

مزید خبریں
ٽوڪيو-24 ڊسمبر (اي پي پي) جاپان جي زراعت واري وزارت تصديق ڪئي آهي ته ڪيوٽو پريفيڪچر جي هڪ پولٽري فارم ۾ انتهائي خطرناڪ ايويئن انفلو ئنزا ( برڊ فلو ) پکڙجي ويو آهي جيڪو هلندڙ سال جي سيزن ۾ سڄي ملڪ ۾ سامهون آيل نائون ڪيس آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب ٻيلن ۽ زراعت واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب اهو ڪيس ڪيوٽو پريفيڪچر جي ڪاميو ڪا شهر ۾ موجود هڪ پولٽري فارم ۾ رپورٽ ٿيو، جتي اٽڪل ٻه لک 80 هزار بيدا ڏيندڙ ڪڪڙيون پاليون وينديون آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته مقامي اڳواڻن کي گذريل ڏينهن اطلاع مليو جنهن کان فارم ۾ ڪڪڙين جي فوري ٽيسٽ ڪئي وئي جنهن مان وائرس بابتس درست ثابتي ملي . گذريل ڏينهن ڪيل جينياتي ٽيسٽ مان ان ڳالهه جي تصديق ٿي ته ڪڪڙيون انتهائي خطرناڪ ايويئن انفلوئنزا وائرس ۾ مبتلا آهن. حڪومتي هدايتن موجب فارم ۾ موجود سمورين ڪڪڙين کي ضايع ڪرڻ بعد انهن کي ساڙيو ۽ دفنايو ويندو.









