اسلام آباد - 23 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ نجڪاري ڪميشن ۽ نجڪاري واري وزارت ڪميٽي کي پاڪستان ۾ نجڪاري جي عمل بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب نجڪاري ڪميشن ۽ نجڪاري واري وزارت ڪميٽي کي پاڪستان ۾ نجڪاري جي عمل بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ نجڪاري ڪميشن ۽ نجڪاري واري وزارت ڪميٽي کي پاڪستان ۾ نجڪاري جي عمل بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب نجڪاري ڪميشن ۽ نجڪاري واري وزارت ڪميٽي کي پاڪستان ۾ نجڪاري جي عمل بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ڪميٽي نجڪاري ڪميشن پاران اختيار ڪيل سمورن مرحلن جو تفصيلي جائزو ورتو، سفارشن جو غور سان مطالعو ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت پاران جوڙيل پاليسين، قانونن ۽ طريقيڪار جي سختي سان پابندي ڪئي وڃي ۽ نجڪاري جي عمل ۾ بهترين عالمي طريقيڪار اختيار ڪيو وڃي. نائب وزيراعظم هدايت ڪئي ته نجڪاري بابت سموري ڏيتي ليتي قانون موجب سرانجام ڏني وڃي ۽ ان عمل ۾ شامل سمورن شرڪت ڪندڙن کي برابر موقعا فراهم ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. اجلاس ۾ ناڻي، توانائي، ۽ واپار وارن وزيرن کانسواءِ وزيراعظم جا نجڪاري، صنعت ۽ پيداوار وارا صلاحڪار ۽ وزيراعظم جو ناڻي بابت خاص معاون طارق باجوه شرڪت ڪئي. ڪابينا، نجڪاري، منصوبابندي، واپار، دفاع، قانون وارا وفاقي سيڪريٽريز ۽ توانائي سميت نجڪاري ڪميشن جا عملدار پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.










