اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) موبائل اسپيڪٽرم جي نيلامي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ هن ٻڌايو ته ڊجيٽل پاڪستان پروگرام کي اڳتي وڌائڻ لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آهي ۽ حڪومت ان سفر ۾ تيزي آڻي رهي …
اقتصادي رابطا ڪميٽي پاران موبائل اسپيڪٽرم جي نيلامي جي منظوري ڏئي

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) موبائل اسپيڪٽرم جي نيلامي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ هن ٻڌايو ته ڊجيٽل پاڪستان پروگرام کي اڳتي وڌائڻ لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آهي ۽ حڪومت ان سفر ۾ تيزي آڻي رهي آهي، مالياتي ڊجيٽل شموليت ۾ موبائل اسپيڪٽرم جو تمام وڏو ڪردار آهي، جن اسپيڪٽرم جي نيلامي ناهي ٿي هڪ لحاظ کان اهو اسان لاءِ مالي نقصان ئي آهي. هن چيو ته ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ موبائل اسپيڪٽرم جي نيلامي جي منظوري ڏني وئي. هن چيو ته اسپيڪٽرم ايڊوائزري ڪميٽي نيشنل اڪنامڪ ريسرچ ايسوسي ايٽس (نيرا) جي نالي سان ڪنسلٽنٽ جون خدمتون حاصل ڪيون هيون، نيرا پي ٽي اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نگراني ۾ تفصيلي طور ڀائيوارن سان رابطي ۽ ماضي ۾ موبائل اسپيڪٽرم جي ملڪي، علائقائي ۽ عالمي طور تي ٿيل نيلامين جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ سمورن عالمي معيارن کي اختيار ڪيو، ان ئي بنياد تي اسان کي موبائل اسپيڪٽرم جي قيمت، ادائيگي جي شرطن، نيلامي جي ڊيزائن جي حوالي سان سفارشون ڏنيون ويون، اسان انهن سفارشن تي غور ڪيو ۽ سڀ کان پهريان پاڪستان جي نقطه نظر سان اڳتي کڻي وياسين، اي سي سي انهن سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.










