ڊيرا مراد جمالي- 23 ڊسمبر (اي پي پي) ڊيرا مراد جمالي جي علائقي نوتال پوليس ٿاڻي جي حدن ۾ تخريبڪارن ريلوي ٽريڪ تي بم نصب ڪري پٽڙي کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جڏهن ته ٻئي بم کي بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي ٽيم ناڪارا بڻائي ڇڏيو. نصير آباد جي پوليس ٻڌايو ته نوتال جي علائقي الطاف آباد ۾ اڻڄاتل تخريبڪارن ريلوي ٽريڪ تي بم نصب ڪري ڌماڪو ڪيو، جنهن سان ريلوي …
ڊيرا مراد جمالي جي نوتال واري علائقي ۾ ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪو

مزید خبریں
ڊيرا مراد جمالي- 23 ڊسمبر (اي پي پي) ڊيرا مراد جمالي جي علائقي نوتال پوليس ٿاڻي جي حدن ۾ تخريبڪارن ريلوي ٽريڪ تي بم نصب ڪري پٽڙي کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جڏهن ته ٻئي بم کي بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي ٽيم ناڪارا بڻائي ڇڏيو. نصير آباد جي پوليس ٻڌايو ته نوتال جي علائقي الطاف آباد ۾ اڻڄاتل تخريبڪارن ريلوي ٽريڪ تي بم نصب ڪري ڌماڪو ڪيو، جنهن سان ريلوي ٽريڪ جي پٽڙي کي ٽن فوٽن تائين نقصان پهتو، پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز ٻئي بم کي هٿ ڪري بم ڊسپوزل ٽيم کي گهرائي ان کي ناڪارا بڻائي ڇڏيو. ٻئي طرف ريل گاڏيل کي جيڪب آباد ۽ ڊيرا مراد جمالي جي ريلوي اسٽيشنن تي روڪيو ويو، ريلوي انتظاميا ٽريڪ جي مرمت ۽ سيڪيورٽي ڪليئرنس بعد ريل گاڏين کي پنهنجي منزل طرف روانو ڪري ڇڏيو.










