اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز ڪارپوريشن لميٽڊ (پي آءِ اي) جي 75 سيڪڙو شيئرز جي وڪري لاءِ واڪ جي عمل جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي. نجڪاري ڪميشن جي انتظام هيٺ پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ ٽن ڪنسورشيم واڪ جمع ڪرايا آهن. پهرين ڪنسورشيم ۾ لڪي سيمينٽ لميٽڊ، حب پاور هولڊنگز لميٽڊ، ڪوهاٽ سيمينٽ لميٽڊ ۽ ميٽرو وينچرز شامل آهن. ٻئي ڪنسورشيم ۾ …
پي آءِ اي جي 75 سيڪڙو شيئرز جي وڪري لاءِ واڪ جي عمل جو پهريون مرحلو مڪمل

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز ڪارپوريشن لميٽڊ (پي آءِ اي) جي 75 سيڪڙو شيئرز جي وڪري لاءِ واڪ جي عمل جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي. نجڪاري ڪميشن جي انتظام هيٺ پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ ٽن ڪنسورشيم واڪ جمع ڪرايا آهن. پهرين ڪنسورشيم ۾ لڪي سيمينٽ لميٽڊ، حب پاور هولڊنگز لميٽڊ، ڪوهاٽ سيمينٽ لميٽڊ ۽ ميٽرو وينچرز شامل آهن. ٻئي ڪنسورشيم ۾ عارف حبيب ڪارپوريشن، فاطمه فرٽيلائيزرز، سٽي اسڪولز پرائيويٽ لميٽڊ ۽ ليڪ سٽي هولڊنگز شامل آهن، جڏهن ته ٽئين ڪنسورشيم ۾ ايئر بليو پرائيويٽ لميٽڊ شامل آهي. واڪ ڏيندڙ ڪنسورشيمز جا نمائندا هڪ هڪ ڪري اڳتي آيا ۽ سڌي ريت نشر ٿيندڙ عوامي تقريب ۾ شفاف ڊٻي ۾ پنهنجا سيل بند واڪ جمع ڪرايا، ٽنهي ڪنسورشيم طرفان ڏنل واڪ منجهند جو ساڍي 3 وڳي کوليا ويا، ان موقعي تي واڪ ۽ ريفرنس قيمتن جو اعلان ڪيو ويو ۽ طئي ٿيل شرطن مطابق واڪ جي عمل کي مڪمل ڪيو ويو. نجڪاري بابت وزيراعظم جي صلاحڪار محمد علي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته انشاء الله اسان کي سٺي واڪ سان سٺي سيڙپڪاري ايندي ۽ ان عمل ۾ اسان ڪامياب ٿينداسين.










