عالمي واپاري نمائش ۾ شرڪت لاءِ درخواستون 31 ڊَسمبر تائين طلب

اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته سکر ۾ 14 کان 15 فيبروري 2026ع تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش سيڪنڊ سکر ٽريڊ ايگزهيبيشن اينڊ سيمينار ۾ شرڪت لاءِ 31 ڊسمبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش ۾ کجور، چانورن، آچار، تازن ميون، ڀاڄين، تيل، گيهه، ڊيري مصنوعات، جپسم، ماربل، ٽريڪٽر، ڀاڻ، اسٽيل …

اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته سکر ۾ 14 کان 15 فيبروري 2026ع تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش سيڪنڊ سکر ٽريڊ ايگزهيبيشن اينڊ سيمينار ۾ شرڪت لاءِ 31 ڊسمبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش ۾ کجور، چانورن، آچار، تازن ميون، ڀاڄين، تيل، گيهه، ڊيري مصنوعات، جپسم، ماربل، ٽريڪٽر، ڀاڻ، اسٽيل ۽ لوهه جي مصنوعات سان واڳيل ماڻهو پنهنجي مصنوعات عالمي خريدارن آڏو پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجا ڪاروباري معاملا طئي ڪري سگهندا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.

مزید خبریں