گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي پاڪستان جي دوري جا منتظر آهيون: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي ساراهيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن کان گڏيل احترام، دوستي ۽ ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن، گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي پاڪستان جي دوري جا منتظر آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ …

اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي ساراهيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن کان گڏيل احترام، دوستي ۽ ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن، گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي پاڪستان جي دوري جا منتظر آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سفير سالم محمد سالم البواب الزابي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي، پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پڻ موجود هئا. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي سفير جو گرمجوشي سان استقبال ڪندي کيس پاڪستان ۾ سندس تازي مقرري تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي ساراهيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن کان گڏيل احترام، دوستي ۽ ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪندي چيو ته هو گڏيل عرب امارات جي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ محمد بن زايد النهيان جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري جا موقعا وڌائڻ سان گڏوگڏ توانائي، معدنيات، آءِ ٽي، ريلوي ۽ هوابازي جهڙن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ اهم شعبن ۾ يو اي اي کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي مسلسل حمايت سان گڏوگڏ انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد ۽ ترقياتي منصوبن کي پڻ ساراهيو. سفير سالم محمد سالم البواب الزابي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زياد النهيان پاران نيڪ خواهشن ۽ خيرسگالي جو پيغام پهچايو. هن پاڪستان سان سمورن شعبن ۾ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته هو ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن ۾ تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندو.

مزید خبریں