لاهور - 23 ڊسمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستاني ڄائي آمريڪي ڊاڪٽرن جون خدمتون نه رڳو پاڪستان پر عالمي سطح تي ساراهه جوڳيون آهن ۽ انهن جي پيشيواراڻي مهارت پاڪستان جو روشن چهرو دنيا آڏو پيش ڪري رهيا آهن، آمريڪي ڊاڪٽرن جي تنظيم ”اپنا“ جي تقريب ۾ شرڪت اعزاز جوڳي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ ٿيندڙ تقريب کي …
پاڪستاني ڄائي آمريڪي ڊاڪٽرن جون خدمتون پاڪستان سميت عالمي سطح تي ساراهه جوڳيون آهن: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
لاهور – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستاني ڄائي آمريڪي ڊاڪٽرن جون خدمتون نه رڳو پاڪستان پر عالمي سطح تي ساراهه جوڳيون آهن ۽ انهن جي پيشيواراڻي مهارت پاڪستان جو روشن چهرو دنيا آڏو پيش ڪري رهيا آهن، آمريڪي ڊاڪٽرن جي تنظيم ”اپنا“ جي تقريب ۾ شرڪت اعزاز جوڳي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو اهتمام آمريڪي ڊاڪٽرن جي تنظيم اپنا ڪيو هو. ان موقعي تي وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙن ۾ ايوارڊ پڻ ورهايا. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته وڏين اسپتالن تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ صحت جي بنيادي مرڪزن سهولتن جو اضافو لازمي آهي، جڏهن ته ڳوٺاڻي ۽ گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ معيار ۽ سستي صحت جي سهولتن جي فراهمي وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته 18هين آئيني ترميم تحت صحت جو شعبو صوبن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ وفاقي سطح تي قانونسازي ۽ پاليسي سازي جي ذريعي صحت جي معياري نظام جي فروغ جي لاءِ هو پرعزم آهي. وقتي صدر چيو ته گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ صحت جي سهولتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ عالمي تجربن مان فائدو کڻڻ گهرجي ۽ نوجوان ڊاڪٽرن کي ميڊيڪل ريسرچ ۽ ڊيجيٽل هيلٿ سروسز ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته صحت ۽ تعليم هڪ ئي سڪِي جا ٻه رخ آهن ۽ ميڊيڪل جي شعبي ۾ نصاب جي جدت ۽ پيشيواراڻي ترقي لازمي آهي. هن چيو ته اپنا ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ فزيشنز جو پاڪستان سميت عالمي سطح تي ڪردار ساراهه جوڳو آهي. ماضي جو حوالو ڏيندي سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته بينظير ڀٽو جي وزارت عظميٰ جي دور ۽ فاروق لغاري جي صدارت جي دور ۾ پڻ هو اپنا جي پروگرامن ۾ شريڪ رهيو آهي جڏهن ته پريسلر ترميم دوران پڻ اپنا جي ميمبر ڊاڪٽرن آمريڪي سينٽرز سان ملاقاتن جو اهتمام ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني ڄائي ڊاڪٽرن جي ڪوششن جي ڪري پاڪستان پريسلر ترميم جي منفي اثرن کان محفوظ رهيو ۽ بعد ۾ ان ترميم جي خاتمي کانپوءِ ملڪي دفاع ۽ معيشت کي نمايان فائدو پهتو. وقتي صدر چيو ته سندس خاندان جو صحت ۽ تعليم جي شعبي سان گهرو ڳانڍاپو رهيو آهي ۽ نشتر ميڊيڪل ڪاليج جو باني سندس والد هو. لاهور جي تاريخي پس منظر تي ڳالهائيندي هن چيو ته لاهور هڪ قديم ۽ تاريخي شهر آهي، ڪشف المحجوب ۾ حضرت داتا علي هجويري ملتان کي شهر ۽ لاهور کي ان جو ڀرپاسو قرار ڏنو آهي جيڪو هن خطي جي تهذيبي اهميت کي ظاهر ڪري ٿو. صدر چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو پڻ واضح موقف آهي ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڊاڪٽرز پنهنجي ملڪ سان وفادار آهن ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. تقريب کي اپنا جي صدر ڊاڪٽر حميرا قمر، ڊاڪٽر نصرم اقبال، ڊاڪٽر فضل اڪبر علي، ڊاڪٽر طاهر پال ۽ پاڪستان جي پهرين ٽرانس جينڊر ڊاڪٽر زيني پڻ خطاب ڪيو. خطاب ڪندڙن صحت جي شعبي ۾ درپيش چئلينجز، پاڪستاني ڊاڪٽرن جي عالمي ڪردار ۽ اپنا جي پليٽ فارم جي ذريعي فلاحي سرگرمين تي روشني وڌي. تقريب جي پڄاڻي تي وقتي صدر اپنا تنظيم جي خدمتن کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستاني ڄاوا آمريڪي ڊاڪٽرز مستقبل ۾ به پاڪستان ۾ صحت، تعليم ۽ تحقيق جي فروغ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا.










