پشاور- 23 ڊسمبر (اي پي پي) ڪرڪ ۾ پوليس جي موبائل تي ٿيل فائرنگ سبب 5 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن . ڪرڪ جي ڊي پي او سعود خان موجب پوليس موبائل تي فائرنگ جو واقعو گرگري ٿاڻي جي حدن ۾ پيش آيو آهي جنهن ۾ 5 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا آهن. ڊي پي او 5 پوليس اهلڪارن جي شهادت جي تصديق ڪندي چيو ته پوليس موبائل ۾ پنج اهلڪار …
ڪرڪ ۾ پوليس موبائل تي فائرنگ، 5 اهلڪار شهيد

مزید خبریں
پشاور- 23 ڊسمبر (اي پي پي) ڪرڪ ۾ پوليس جي موبائل تي ٿيل فائرنگ سبب 5 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن . ڪرڪ جي ڊي پي او سعود خان موجب پوليس موبائل تي فائرنگ جو واقعو گرگري ٿاڻي جي حدن ۾ پيش آيو آهي جنهن ۾ 5 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا آهن. ڊي پي او 5 پوليس اهلڪارن جي شهادت جي تصديق ڪندي چيو ته پوليس موبائل ۾ پنج اهلڪار ئي سوار هيا. پوليس اختيارين موجب واقعي واري هنڌ تي تمام گهڻي نفري پهچائي وئي آهي ۽ علائقي جو ڪڙو چاڙهي شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن. ملزمن جي گرفتاري جون ڪوششون به جاري آهن.










