اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪرڪ جي ٿاڻي گر گري جي حدن ۾ پوليس گاڏي تي ٿيل فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 پولس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن فرض جي راهه ۾ حياتيون قربان ڪندڙ شهيد پوليس اهلڪارن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي وارثن سان دلي …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران ڪرڪ ۾ پوليس گاڏي تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت، 5 اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪرڪ جي ٿاڻي گر گري جي حدن ۾ پوليس گاڏي تي ٿيل فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 پولس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن فرض جي راهه ۾ حياتيون قربان ڪندڙ شهيد پوليس اهلڪارن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ هيو ته پوليس اهلڪارن ڊيوٽي دوران شهيد ٿي عظيم مثال قائم ڪيو. سيڪيورٽي تي مقرر اهلڪارن تي حملو دهشتگردن جو حملو بربريت آهي. هن ان عزم جو ورجاءٌ ڪيو ته شهيدن جي قربانيون ضايع نه وينديون ۽ رياست اهڙين بزدل ڪارروائين جو پوري قوت سان جواب ڏيندي.










