صدر آصف علي زرداري جي نجف ۾ مولا علي عليه السلام جي روضي مُبارڪ تي حاضري

نجف-23 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نجف اشرف ۾ مولا علي عليه السلام جي روضي مُبارڪ تي حاضري ڏني، فاتحه پڙهي ۽ مُسلمان امت جي امن، اتحاد ۽ هم آهنگي لاءِ دعا ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، صدر مسجد ڪوفه ۾ نفل ادا ڪيا ۽ مولا علي عليه السلام سان منسوب گهر جي زيارت ڪئي. صدر نجف ۽ ڪوفه …

نجف-23 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نجف اشرف ۾ مولا علي عليه السلام جي روضي مُبارڪ تي حاضري ڏني، فاتحه پڙهي ۽ مُسلمان امت جي امن، اتحاد ۽ هم آهنگي لاءِ دعا ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، صدر مسجد ڪوفه ۾ نفل ادا ڪيا ۽ مولا علي عليه السلام سان منسوب گهر جي زيارت ڪئي. صدر نجف ۽ ڪوفه ۾ مُسلمان امت جي امن، اتحاد ۽ هم آهنگي لاءِ دعا ڪئي. صدر منتظمين ۽ مبلغين سان پڻ ملاقاتُون ڪيُون. انهن مُلاقاتن ۾ نجف جو گورنر ۽ ٻيا اعليٰ عهديدار پُڻ موجود هئا.

مزید خبریں