اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرڪ ضلعي ۾ پوليس جي گاڏي تي فائرنگ جي سخت مذمت ڪندي واقعي ۾ 5 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي انهن جي خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ڪرڪ ضلعي ۾ پوليس جي گاڏي تي فائرنگ جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرڪ ضلعي ۾ پوليس جي گاڏي تي فائرنگ جي سخت مذمت ڪندي واقعي ۾ 5 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي انهن جي خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته پوليس سدائين دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي عزم کي به ورجايو.










