هر نوجوان جي لاءِ ليپ ٽاپ حڪومت جو هڪ اهم مشن آهي جنهن تحت وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم کي وڌيڪ سگهه ڏني پئي وڃي: وجيهه قمر

اسلام آباد  -22 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر چيو آهي ته هر نوجوان جي لاءِ ليپ ٽاپ حڪومت جو هڪ اهم مشن آهي جنهن تحت وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم کي وڌيڪ سگهه ڏني پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو …

اسلام آباد  -22 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر چيو آهي ته هر نوجوان جي لاءِ ليپ ٽاپ حڪومت جو هڪ اهم مشن آهي جنهن تحت وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم کي وڌيڪ سگهه ڏني پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته تعليم جو فروغ ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وجيهه قمر وڌيڪ چيو ته پاڪستان هاڻي صحيح رخ ۾ گامزن ٿي چڪو آهي ۽ معاشي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي جنهن ۾ نوجوان نسل جو ڪردار انتهائي اهم آهي. هن شاگردن کي مخاطب ڪندي چيو ته اسان جي فوج سرحدن جي محافظ آهي ۽ توهان نظرياتي سرحدن جا محافظ آهيو، سڀ کان پهرين توهان پاڪستاني آهيو، ان لاءِ هن ليپ ٽاپ کي تعليم ۽ تربيت جي مقصدن جي لاءِ صحيح انداز ۾ استعمال ڪريو ۽ جديد ٽيڪنالاجي مان ڀرپور فائدو کڻي پنهنجي صلاحيتن کي نکاريو ته جيئن توهان نه رڳو پنهنجي مستقبل کي روشن بڻائي سگهو پر پاڪستان جي ترقي ۾ پڻ موثر ڪردار ادا ڪري سگهو. يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود چيو ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي ڪوششن سان پاڪستان حڪومت پاران اوپن يونيورسٽي جي 2475 شاگردن جي لاءِ ليپ ٽاپ ملي چڪا آهن جن مان راولپنڊي/ اسلام آباد جي 300 شاگردن کي ليپ ٽاپ فراهم ڪيا پيا وڃن. هن ٻڌايو ته باقي شاگردن کي ليپ ٽاپ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ منعقد تقريبن ۾ ڏنا ويندا. وائيس چانسلر موجب فاصلاتي ۽ آن لائين تعليمي نظام جي شاگردن جي لاءِ ليپ ٽاپ انتهائي ضروري آهن ۽ ان اسڪيم ۾ شموليت تي هن هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ پاڪستان حڪومت جا ٿورا ادا ڪيا. تقريب کي انجنيئر نذير حسين (ايڇ اي سي) يونيورسٽي کي تقريب منعقد ڪرڻ ۽ شاگردن کي ليپ ٽاپ ملڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جو مقصد شاگردن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ آهي ته جيئن اهي تعليم ۽ تحقيق جي ميدان ۾ عالمي سطح تي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن. هن شاگردن تي زور ڏنو ته اهي انهن ليپ ٽاپس کي مثبت ۽ تعميري مقصدن جي لاءِ استعمال ڪن. يونيورسٽي جي رجسٽرار راجا عمر يونس پڻ شاگردن تي زور ڀريو ته اهي انهن ليپ ٽاپس کي تعليمي سرگرمين، آن لائين ريسرچ، اسڪل ڊيولپمينٽ ۽ جديد علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ استعمال ۾ آڻين ته جيئن اهي مستقبل ۾ هڪ ذميوار ۽ باصلاحيت شهري بڻجي سگهن.

مزید خبریں