ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران گلگت بلتستان، مٿانهين خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ ڀرپاسي جابلو علائقن ۾ وڌيڪ برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد- 22 ڊسمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران گلگت بلتستان، مٿانهين خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ ڀرپاسي وارن جابلو علائقن ۾ وقفي وقفي سان وڌيڪ برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي، ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي. پنجاب جي اڪثر ميداني علائقن ۽ مٿانهين سنڌ جي علائقن ۾ وچولي کان شديد ڪوهيڙو ڇائنيل رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي …

اسلام آباد- 22 ڊسمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران گلگت بلتستان، مٿانهين خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ ڀرپاسي وارن جابلو علائقن ۾ وقفي وقفي سان وڌيڪ برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي، ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي. پنجاب جي اڪثر ميداني علائقن ۽ مٿانهين سنڌ جي علائقن ۾ وچولي کان شديد ڪوهيڙو ڇائنيل رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق اڄ (اڱاري ڏينهن) ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي، جڏهن ته اترئين علائقن ۾ شديد ٿڌ رهندي. پنجاب جي اڪثر علائقن ميداني علائقن ۽ مٿانهين سنڌ جي علائقن ۾ وچولي کان شديد ڪوهيڙو ڇائنيل رهڻ جو امڪان آهي. اڄ سومر جي رات ناران، ڪاغان، دير، سوات، ڪوهستان، مانسهره، ايبٽ آباد، شانگله، استور، هنزه، اسڪردو، مري، گليات، وادي نيلم، باغ، پونڇ ۽ حويلي ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو آهي جڏهن ته روڊن جي بندش ۽ ترڪڻ سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪشمير، مٿانهين پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ برسات ۽ جبلن تي برفباري ٿي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ جزوي جهڙالي رهي. پنجاب ۽ مٿانهين سنڌ جي علائقن ۾ ڪوهيڙو ڇائنيل رهيو. ڪالام ۾ 2.5، مالام جبه ۾ 02 انچ برفباري رڪارڊ ٿي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه، گوپس ۾ ڪاٽو 03، قلات ۾ ڪاٽو 01، اسڪردو، ڪوئيٽا، پاراچنار، مالم جبه ۾ ڪاٽو 00 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

مزید خبریں