اسلام آباد - 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاور ڊويزن کي بجلي جي ويلنگ چارجز کي مناسب سطح تي آڻڻ جي لاءِ ڌرين جي مشاورت سان سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بجلي جي پهچ جي نظام کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ سمورو ڌيان ڏنو آهي، صنعتن کي علائقائي چٽاڀيٽي اگهن تي بجلي جي فراهمي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن …
وزيراعظم پاران پاور ڊويزن کي بجلي جي ويلنگ چارجز کي مناسب سطح تي آڻڻ جي لاءِ ڌرين جي مشاورت سان سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاور ڊويزن کي بجلي جي ويلنگ چارجز کي مناسب سطح تي آڻڻ جي لاءِ ڌرين جي مشاورت سان سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بجلي جي پهچ جي نظام کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ سمورو ڌيان ڏنو آهي، صنعتن کي علائقائي چٽاڀيٽي اگهن تي بجلي جي فراهمي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن معاشي ترقي جي لاءِ توانائي جي شعبي جي حوالي سان جوڙيل نجي شعبي جي ورڪنگ گروپ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو جيڪو وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم کي معاشي ترقي جي لاءِ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جي حوالي سان سفارشون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم پاور ڊويزن واري وزير کي بجلي جي ويلنگ چارجز کي مناسب سطح تي آڻڻ جي لاءِ ڌرين جي مشاورت سان سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ٻين شعبن ۾ ٺاهيل مختلف ورڪنگ گروپس جون سفارشون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ معيشت جي ترقي جو قومي پروگرام جوڙيو ويندو، بجلي جي پهچ جي نظام کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سمورون ڌيان ڏنو آهي. هن چيو ته حڪومت جي ڀرپور ڪوشش آهي ته صنعتن کي علائقائي چٽاڀيٽي اگهن تي بجلي ملي. وزيراعظم محمد شهباز شريف شهزاد سليم جي سربراهي ۾ نجي شعبي سان مشاورت جي لاءِ ٺاهيل توانائي واري ڪميٽي جي محنت ۽ ڪوششن کي ساراهيو. اجلاس ۾ ٽيرف اسٽرڪچر، بجلي جي پهچ جي حوالي سان مشڪلاتن، مناسب اگهن ۽ بجلي جي شعبي سان لاڳاپيل ٻين معاملن تي سفارشون پيش ڪيون ويون. اجلاس کي بجلي جي ٽرانسميشن ۽ وولٽيج جي نظام کي اعتماد جوڳو بڻائڻ جي حوالي سان پڻ سفارشون پيش ڪيون ويون. اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پاور ڊويزن وارو وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم وارو وزير علي پرويز ملڪ، ناڻي ۽ ريلوي وارو مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جو خاص معاون هارون اختر ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر شريڪ ٿيا.










