اسلام آباد - 22 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪيمٽي کي پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) ۾ جاري سڌاراجاتي قدمن تي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته ماضي ۾ قومي نشرياتي ادارو پي ٽي وي پنهنجا نوازي، اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ بدعنواني جهڙن مسئلن جو شڪار رهيو جڏهن ته هڪ ٻئي پٺيان ايندڙ حڪومتن …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪيمٽي کي پي ٽي وي ۾ جاري سڌاراجاتي قدمن تي بريفنگ

مزید خبریں
اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪيمٽي کي پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) ۾ جاري سڌاراجاتي قدمن تي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته ماضي ۾ قومي نشرياتي ادارو پي ٽي وي پنهنجا نوازي، اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ بدعنواني جهڙن مسئلن جو شڪار رهيو جڏهن ته هڪ ٻئي پٺيان ايندڙ حڪومتن جي پاليسين پڻ اداري کي موجوده مشڪلاتون پيدا ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. اها ڳالهه هن قومي اسيمبلي ميمبر پلين بلوچ جي صدارت ۾ قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير پي ٽي وي ورلڊ (انگلش) ۽ ڊيجيٽل ميديا ڊپارٽمينٽ جي نئين سر جوڙجڪ جي تفصيلن کان پڻ ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ناظرين جي انگ ۽ آمدني ۾ اضافي جي لاءِ نئين ۽ باصلاحيت چهرن کي متعارف ڪرايو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ٽيليويزن جي بهتري جي لاءِ اسٽرڪچرل سڌارا متعارف ڪرايا پيا وڃن ته جيئن اداري کي پاڻڀرائپ ۽ قابل عمل بڻائي سگهجي. ان ڏس ۾ اسٽينڊنگ ڪميتي پڻ پنهنجون تجويزون ڏي. پي ٽي وي ۾ ملازمن جو انگ تمام وڌيڪ آهي، ان حوالي سان هڪ تجويز اها به آهي ته جيڪڏهن گولڊن هينڊ شيڪ اسڪيم متعارف ڪرائي وڃي ۽ ملازمن کي اختيار ڏنو وڃي ته اهي ان جي چونڊ ڪن، ته ان سان اداري جي صورتحال ڪافي بهتر ٿي سگهي ٿي. اسٽينڊنگ ڪميٽي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي هدايت ڪئي ته اها پنهنجي انتظام هيٺ موجود سمورن قانونن ۽ ايڪٽس جو جائزو وٺي ته جيئن انهن کي وفاقي ڪابينا جي فيصلي سان هم آهنگ ڪري سگهجي. ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي مصطفيٰ ايپڪس ڪيس جي فيصلي جي روشني ۾ وفاقي ڪابينا قانون واري وزارت سان مشاورت سان گڏ لاڳاپيل قانونن ۾ ترميمن جي هدايت ڪئي هئي ته جيئن مختلف قانونن ۾ موجود لفظن ”وفاقي حڪومت“ کي مناسب ”مجاز اٿارٽيز“ سان تبديل ڪري سگهجي. ان ڏس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري آرڊيننس 2002ع، دي نيوز پيپر ايمپلائيز (ملازمت شرط) ايڪٽ 1973ع ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان آرڊيننس 2002ع ۾ ترميمن جون تجويزون پيش ڪيون جن جو مقصد لفظ ”وفاقي حڪومت“ جي جڳهه ”لاڳاپيل مجاز اٿارٽيز“ کي شامل ڪرڻو هو. ڪميٽي تفصيلي غور فڪر کانپوءِ متفقه طور تي انهن بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪميٽي اڳوڻن سفارشن تي عملدرآمد جو جائزو وٺندي اطلاعات واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ادارن جي سربراهن جي مقرري جو عمل انهن جي رٽائرمينٽ يا ملازمت جو مدو مڪمل ٿيڻ کان گهٽ ۾ گهٽ 30 ڏينهن اڳ شروع ڪيو وڃي. ڪميٽي جو موقف هو ته عهدو خالي ٿيڻ سان اداري جي ڪارڪردگي متاثر ٿئي ٿي. اجلاس ۾ ڪميٽي پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) جي مستقل سربراهه جي مقرري ۽ اداري کي قابل عمل ۽ پاڻڀرو بڻائڻ جي لاءِ پڻ ضروري قدمن جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قومي اسيمبلي ميمبرن نديم عباس، ڪرن عمران ڊار، رومينه خورشيد عالم، ڪرن حيدر، مس شاهين، مهتاب اڪبر راشدي، سحر ڪامران، راڻا انصر (زوم ذريعي)، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سيڪريٽري ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.










