اسلام آباد- 22 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ، جامع ۽ هم آهنگ معاشري جي قيام لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه ناڻي واري وزارت جي سينيئر عملدارن سان فنانس ڊويزن جي مسيحي برادريءَ سان تعلق رکندڙ عملي سان ڪرسمس جي تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي …
حڪومت ملڪ ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ، جامع ۽ هم آهنگ معاشري جي قيام لاءِ پُرعزم آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد- 22 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ، جامع ۽ هم آهنگ معاشري جي قيام لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه ناڻي واري وزارت جي سينيئر عملدارن سان فنانس ڊويزن جي مسيحي برادريءَ سان تعلق رکندڙ عملي سان ڪرسمس جي تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي هن مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ شموليت لاءِ پاڪستان حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير مسيحي برادري کي ڪرسمس کي مبارڪون پيش ڪيون ۽ امن، همدردي ۽ گڏيل احترام جهڙن قدرن جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته اهي قدر پاڪستاني معاشري جو بنياد ۽ مختلف مذهبن کي مڃيندڙن وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي ڏين ٿا. ناڻي واري وزير ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جو آئين سمورن شهرين کي بنا فرق جي برابريءَ جي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو ۽ حڪومت ملڪ ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ جامع ۽ هم آهنگ معاشري جي قيام لاءِ پُرعزم آهي. ناڻي واري وزير ان موقعي تي ڪرسمس جو ڪيڪ به ڪٽيو.










