استحڪام، مختلف شعبن ۾ ڍانچه جاتي سڌارن ۽ ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ سان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تاريخي تيزي اچي رهي آهي: خرم شهزاد

اسلام آباد- 22 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته ڪُلي معيشت جي استحڪام، مختلف شعبن ۾ ڍانچه جاتي سڌارن ۽ ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ سان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تاريخي تيزي اچي رهي آهي، سيڙپڪارن جو انگ 4 لک 50 هزار کان وڌيو آهي، ان مان هڪ لک 20 هزار سيڙپڪار گذريل 15 مهينن ۾ شامل ٿيا. ڪالهه سماجي …

اسلام آباد- 22 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته ڪُلي معيشت جي استحڪام، مختلف شعبن ۾ ڍانچه جاتي سڌارن ۽ ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ سان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تاريخي تيزي اچي رهي آهي، سيڙپڪارن جو انگ 4 لک 50 هزار کان وڌيو آهي، ان مان هڪ لک 20 هزار سيڙپڪار گذريل 15 مهينن ۾ شامل ٿيا. ڪالهه سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس تي پنهنجي خاص وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ نين بلندين تي پهچي رهي آهي، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس هڪ لک 71 هزار پوائنٽس تائين هلي وئي آهي جيڪو هڪ نئون رڪارڊ آهي، مارڪيٽ ۾ تيزيءَ جو اهو سلسلو جاري رهندو ۽ اميد آهي ته مارڪيٽ ۾ نئين سيڙپڪاري به ايندي. خرم شهزاد چيو ته هلندڙ سال جنوريءَ کان ڊسمبر جي وچ تائين اسٽاڪ مارڪيٽ 48 سيڪڙو ريٽرن ڏنو آهي، ان حوالي سان اها عالمي مارڪيٽ مان مُک مارڪيٽ بڻجي وئي آهي جتي سڀ کان وڌيڪ ريٽرن ملي رهيو آهي. گذريل ٻن سالن ۾ 200 سيڪڙو ريٽرن ڏنو ويو آهي جيڪو دنيا جي ڪنهن به اسٽاڪ مارڪيٽ ناهي ڏنو. هن چيو ته جنوري کان سيپٽمبر تائين ڪارپوريٽ منافعي ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو، جولاءِ کان سيپٽمبر جي مُدي ۾ منافعي ۾ 9 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ٿي آهي، ان جو مطلب هي آهي ته وياج جي شرح ۾ گهٽتائيءَ سان منافعي ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ صنعتن کي سهولت ملي رهي آهي. هن چيو ته ميوچل فنڊز جا اثاثا وڌي ويا آهن، جيڪا سٺي ڳالهه آهي. ميوچل فنڊ جا اثاثا 4 کرب رپين کان مٿي وڃي چڪا آهن، ايڪويٽي مارڪيٽ ۾ ميوچل فنڊ جي سراسري 27 سيڪڙو رهي آهي. خرم شهزاد چيو ته هڪ ٻي سٺي خبر آهي ته 16 نوان آءِ پي اوز اچي رهيا آهن، ان سان سيڙپڪارن کي وڌيڪ موقعا دستاب ٿيندا، ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ ائين ناهي ٿيو ته هڪ سال جي مُدت ۾ 16 نيون آءِ پي او آيون هجن، اها تمام وڏي اعتماد جي نشاني آهي. 2022ع ۾ بلين ڊالرز ماليت ڪمپنين جو انگ 3 هو جيڪو هاڻ 18 ٿي چڪو آهي، مستقبل ۾ ان ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي.

مزید خبریں