فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي سعودي عرب جي دفاع واري وزير سان ملاقات

راولپنڊي- 22 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير مملڪت سعودي عرب جي سرڪاري دوري دوران سعودي عرب جي دفاع واري وزير شھزاده خالد بن سلمان عبدالعزيز آل سعود سان ملاقات ڪئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي( آءِ ايس پي آر) مطابق ملاقات دوران گڏيل ڏلچسپي جي معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنھن ۾ …

راولپنڊي- 22 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير مملڪت سعودي عرب جي سرڪاري دوري دوران سعودي عرب جي دفاع واري وزير شھزاده خالد بن سلمان عبدالعزيز آل سعود سان ملاقات ڪئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي( آءِ ايس پي آر) مطابق ملاقات دوران گڏيل ڏلچسپي جي معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنھن ۾ علائقائي سلامتي جي صوتحال، دفاعي ۽ عسڪري سھڪار، اسٽريٽجڪ حصيداري واري عمل ۽ بدلجندڙ جيو اسٽريٽيجڪ چئلينجز شامل ھئا. ان موقعي تي پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ موجود تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي ھڪ ڀيرو ٻيھر تصديق ڪئي وئي. خادم الحرمين الشريفين شاھه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي جاري ڪيل شاھي فرمان تحت فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي مملڪت سعودي عرب جي اعليٰ ترين قومي اعزاز ڪنگ عبدالعزيز ميڊل (اعليٰ درجو) به عطا ڪيو ويو. اھو اعزاز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي شاندار عسڪري خدمتن ۽ قيادت، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاعي سھڪار، اسٽريٽيجڪ ھم آھنگي ۽ ادارتي رابطن کي ھٿي وٺرائڻ ۾ اھم ڪردار جو اعتراف ڪري ٿو. اھو اعزاز علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ سندس خدمتن، خاص طور دھشتگردي جي روڪٿام ۽ سلامتي جي شعبن ۾ مسلسل سھڪار جي عڪاسي به ڪري ٿو. سعودي عرب جي قيادت فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ اسٽريٽيجڪ ويزن کي ساراھيندي ٻنھي ملڪن جي پراڻن، ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سندس عزم جي تعريف ڪئي. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ان موقعي تي خادم الحرمين الشريفين ۽ سعودي قيادت پاراڻ اهو اعزاز ڏيڻ تي شڪريو ادا ڪندي ان کي پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ مضبوط ۽ پائيدار لاڳاپن جي علامت قرار ڏنو. ھن مملڪت سعودي عرب جي سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڪنگ عبدالعزيز ميڊل (اعليٰ درجي) جي اھا اعزازي تقريب پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن جي گھرائي ۽ علائقائي ۽ عالمي امن کي ھٿي ڏيڻ لاءِ ٻنھي ملڪن جي گڏيل عزم جي عڪاسي آھي.

مزید خبریں