اسلام آباد- 22 ڊسمبر (اي پي پي) روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ذريعي پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين جي ڏيهه اماڻيل مٽاسٽا جي ڻاني جو ڳاڻيٽو 9.306 ارب ڊالرن کان وڌي ويو آهي. اسٽيٽ بينڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق نومبر ۾ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ذريعي 141 ملين ڊالرن جو پرڏيهي مٽاسٽا جو ناڻو ڏيهه موڪليو جنهن بعد پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين جي ڏيهه اماڻيل مٽاسٽا جي ناڻي …
روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ذريعي پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين جي ڏيهه اماڻيل مٽاسٽا جي ناڻي جو ڳاڻيٽو 9.306 ارب ڊالرن کان وڌي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد- 22 ڊسمبر (اي پي پي) روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ذريعي پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين جي ڏيهه اماڻيل مٽاسٽا جي ڻاني جو ڳاڻيٽو 9.306 ارب ڊالرن کان وڌي ويو آهي. اسٽيٽ بينڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق نومبر ۾ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ذريعي 141 ملين ڊالرن جو پرڏيهي مٽاسٽا جو ناڻو ڏيهه موڪليو جنهن بعد پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين جي ڏيهه اماڻيل مٽاسٽا جي ناڻي جو ڳاڻيٽو 9.306 ارب ڊالرز ٿي ويو آهي. آڪٽوبر ۾ آر ڊي اي ذريعي پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين 170 ملين ڊالرن جو ناڻو ڏيهه موڪليو هو. سيپٽمبر 2020ع کان وٺي هاڻي تائين پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين 8 لک 83 هزار اڪائونٽس کوليا آهن. نومبر جي مهيني ۾ تازن کليل اڪائونٽس جو انگ 9572 جڏهن ته آڪٽوبر ۾ 11 هزار 108 رڪارڊ ڪيو ويو.










