اسلام آباد- 22 ڊسمبر (اي پي پي) ملڪ جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ جاري ڪيلينڊر سال دوران مجموعي طور تي 5.162 ارب ڊالرن جي واڌ ٿي آهي. اسٽيٽ بينڪ مطابق گذريل سال ڊسمبر جي پڄاڻي تي ملڪي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 15.927 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو هو جنهن مان اسٽيٽ بينڪ وٽ ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 11.731 ارب ڊالرز جڏهن ته ڪمرشل بينڪن وٽ …
ملڪ جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ جاري ڪيلينڊر سال دوران مجموعي طور تي 5.162 ارب ڊالرن جي واڌ ٿي آهي: اسٽيٽ بينڪ

مزید خبریں
اسلام آباد- 22 ڊسمبر (اي پي پي) ملڪ جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ جاري ڪيلينڊر سال دوران مجموعي طور تي 5.162 ارب ڊالرن جي واڌ ٿي آهي. اسٽيٽ بينڪ مطابق گذريل سال ڊسمبر جي پڄاڻي تي ملڪي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 15.927 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو هو جنهن مان اسٽيٽ بينڪ وٽ ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 11.731 ارب ڊالرز جڏهن ته ڪمرشل بينڪن وٽ 4.195 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيا ويا.12 ڊسمبر تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 21.089 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيا ويا جنهن مان اسٽيٽ بينڪ وٽ ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 15.88 ارب ڊالرز جڏهن ته ڪمرشل بينڪن وٽ 5.202 ارب ڊالز رڪارڊ ڪيا ويا جيڪي 2.62 مهينن جي امپورٽ لاءِ ڪافي آهن. جاري ڪيلينڊر سال دوران اسٽيٽ بينڪ جي ناڻي جي ذخيرن ۾ 4.155 ارب ڊالرن جڏهن ته ڪمرشل بينڪن جي ناڻي جي ذخيرن ۾ 1.007 ارب ڊالرن جي واڌ ٿي آهي.










