ڪشميري پاڪستان جي نظرياتي سرحدن جا محافظ آهن: انجنيئر امير مقام

اسلام آباد- 22 ڊسمبر (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ڀارت جي آبي اڳرائيءَ کي سخت مذمت ڪندي چيوآهي ته پاڪستان آخري حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهي، ڪشميري پاڪستان جي نظرياتي سرحدن جا محافظ آهن، آزاد ڪشمير ۾ مسلم ليگ (ن) کي مضبوط ۽ منظم ڏسي خوشي ٿي آهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي مرڪزي …

اسلام آباد- 22 ڊسمبر (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ڀارت جي آبي اڳرائيءَ کي سخت مذمت ڪندي چيوآهي ته پاڪستان آخري حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهي، ڪشميري پاڪستان جي نظرياتي سرحدن جا محافظ آهن، آزاد ڪشمير ۾ مسلم ليگ (ن) کي مضبوط ۽ منظم ڏسي خوشي ٿي آهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي مرڪزي قيادت سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي انجنيئر امير مقام چيو ته ماضيءَ ۾ جيڪو ٿيو اهو گذري ويو، هاڻ اسان هڪ آهيون، اسان جو قائد نواز شريف آهي، ڪشمير جو مسئلو اسان جي پهرين ترجيح آهي، ڪشمير جي عوام کي ڪڏهن مايوس ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪشميري پاڪستان جي نظرياتي سرحدن جا محافظ آهن، فرنٽ لائن تي ڄميل آهيون. امير مقام چيو ته ڪشمير جو ڪيس حق جي ويڙهه کانپوءِ پهريون ڀيرو واضح ٿيو آهي. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ مسلم ليگ (ن) کي مضبوط ۽ منظم ڏسي خوشي ٿي آهي. وفاقي وزير چيو ته پارٽي ۽ قيادت طرفان سردار مير اڪبر کي ڀليڪار چئون ٿا، اسان سڀ هڪ آهيون، اسان جو قائد ميان محمد نواز شريف آهي، جيڪڏهن ڪشمير جي عوام مينڊيٽ ڏنو ته (ن) ليگ کين مايوس نه ڪندي. هن چيو ته ڪشمير جي حوالي سان (ن) ليگ جي پاليسي سڀني آڏو آهي، ڪشميري بنا پگهار جي پاڪستان جا محافظ آهن، ڪنهن به منصوبي ۾ ڪشميري عوام پوئتي ناهي رهيو. هن چيو ته ڪشميري سالن کان ڀارت خلاف جدوجهد ۾ مصروف آهن، دنيا چاهي ته هاڻ اهو مسئلو حل ٿئي. ان موقعي تي پي ٽي آءِ آزاد ڪشمير جي اسيمبلي ميمبر سردار مير اڪبر خان (ن) ليگ ۾ شامل ٿيو، سردار مير اڪبر خان (ن) ليگ ۾ شموليت تي باضابطه تقريب منعقد ٿي. ان موقعي تي آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم راجا فاروق خان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ته سردار مير اڪبر کي (ن) ليگ ۾ ڀليڪار چئون ٿا، مير اڪبر اسان سان ئي گڏ هو، مير اڪبر خان جي شموليت سان باغ ضلعي ۾ پارٽي مضبوط ٿيندي. هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ آزاد ڪشمير ۾ (ن) ليگ جي حڪومت هوندي.

مزید خبریں