اسلام آباد-21 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي (پي اي اي) آگاهه ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ شديد ڪوهيڙي ۽ نگاهه جي حد محدود هجڻ سبب حفاظتي گهرجن تحت 6 عالمي اڏامن کي متبادل هوائي اڏن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. پي اي اي موجب نگاهه جي حد ۾ گهٽتائي سبب اڏامن جي منتقلي هڪ معمول جو حفاظتي قدم آهي جنهن جو مقصد مسافرن، عملي ۽ جهازن جي مڪمل …
ڪراچي ۾ شديد ڪوهيڙي سبب 6 عالمي اڏمون متبادل هوائي اڏن ڏانهن منتقل

مزید خبریں
اسلام آباد-21 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي (پي اي اي) آگاهه ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ شديد ڪوهيڙي ۽ نگاهه جي حد محدود هجڻ سبب حفاظتي گهرجن تحت 6 عالمي اڏامن کي متبادل هوائي اڏن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. پي اي اي موجب نگاهه جي حد ۾ گهٽتائي سبب اڏامن جي منتقلي هڪ معمول جو حفاظتي قدم آهي جنهن جو مقصد مسافرن، عملي ۽ جهازن جي مڪمل حفاظت کي يقيني بڻائڻ آهي. تفصيل موجب اتحاد ايئر ويز ۽ گلف ايئر جي ڪراچي ايندڙ اڏامون متبادل طور مسقط منتقل ڪيون ويون، اهڙي طرح فلائي جناح جي اڏام جده کان ڪراچي بدران اسلام آباد آندي وئي جڏهن ته پي آءِ اي جي اڏام مديني کان ڪراچي بدران مسقط منتقل ڪئي وئي، پي اي اي وڌيڪ چيو ته موسم بهتر ٿيندي ئي اڏامن جي آمدرفت معمول موجب بحال ڪئي ويندي. مسافرن کي گذارش ڪئي وئي آهي ته اهي پنهنجي اڏامن بابت تازي معلومات وٺڻ لاءِ لاڳاپيل ايئر لائين سان رابطي ۾ رهن.










