اسلام آباد - 19 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان جي علائقي بويا ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت ۽ ڀارت جي پٺڀرائي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. صدر دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي چار بهادر جوانن کي سلام ۽ گهرڀاتين سان تعزيت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران …
صدر آصف علي زرداري پاران اتر وزيرستان ۾ دهشتگرد حملي جي شديد مذمت، شهيد جوانن کي خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان جي علائقي بويا ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت ۽ ڀارت جي پٺڀرائي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. صدر دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي چار بهادر جوانن کي سلام ۽ گهرڀاتين سان تعزيت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر حملي ۾ معصوم شهرين، عورتن ۽ ٻارن جي زخمي ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري دهشتگردن جي خلاف وقت سر ۽ جرئتمنداڻي ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر افغان طالبان رجيم پاران ڀارتي سرپرستي ۾ خارجي دهشتگردن جي مسلسل معاونت جي مذمت ڪندي جوابي ڪارروائي جو ورجاءُ ڪيو. صدر آصف علي زرداري قومي سلامتي ۽ عوام جي تحفظ جي لاءِ هر ممڪن قدمن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.










