نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت ۾ آءِ ٽي خدمتن جي روانگي واپار بابت اجلاس

اسلام آباد - 19 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آءِ ٽي خدمتن جي روانگي واپار بابت اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت پاران سڄي دنيا ۾ آءِ ٽي روانگي واپار جي فروغ، خاطرخواهه آمدني ۽ پاڪستان جي لاءِ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌائڻ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان …

اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آءِ ٽي خدمتن جي روانگي واپار بابت اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت پاران سڄي دنيا ۾ آءِ ٽي روانگي واپار جي فروغ، خاطرخواهه آمدني ۽ پاڪستان جي لاءِ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌائڻ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس دوران نائب وزيراعظم اسحاق ڊار مستقبل جي صنعت جي طور تي آءِ ٽي ۽ ان سان واڳيل شعبن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته پرڏيهي وزارت آءِ ٽي صنعت جي فروغ ۽ ان جي ترقي جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. اجلاس ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزير، پرڏيهي وزارت ۽ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت جي سيڪريٽريز، پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جي ماهرن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں