پهريون پانڊا بانڊ پاڪستان جي وچين مُدي جي قرضن جي استحڪام کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ـ مالي وسيلن جي ذريعن ۾ جدت آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو: سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب محتاط ۽ مارڪيٽ تي ٻَڌل ماليات لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پهريون پانڊا بانڊ پاڪستان جي وچين مُدي جي قرضن جي استحڪام کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ـ مالي وسيلن جي ذريعن ۾ جدت آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن اها ڳالهه ناڻي واري وزارت ۾ پاڪستان جي پهرين پانڊا بانڊ …

اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب محتاط ۽ مارڪيٽ تي ٻَڌل ماليات لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پهريون پانڊا بانڊ پاڪستان جي وچين مُدي جي قرضن جي استحڪام کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ـ مالي وسيلن جي ذريعن ۾ جدت آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن اها ڳالهه ناڻي واري وزارت ۾ پاڪستان جي پهرين پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ بابت اجلاس ۾ چئي. اجلاس ۾ ان حوالي سان ٿيل اڳڀرائيءَ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت جي ڊبيٽ مئنجمينٽ آفيس جي ٽيم ۽ فنانس ڊويزن جي سينيئر آفيسرن ناڻي واري وزير کي مختلف منظورين، سيڙپڪارن سان رابطن ۽ ضابطه جاتي (ريگيوليٽري) مرحلن جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ ٻُڌايو ويو ته گهڻ رُخي حصيدارن سان ضروري منظوريون حاصل ڪرڻ جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ چيني اداره جاتي سيڙپڪارن سان رابطا مثبت ۽ تعميري رهيا آهن. اجلاس ۾ ٻُڌايو ويو ته سيڙپڪارن جو مجموعي رجحان ۽ اعتماد خاص طور تي مضبوط ۽ نهايت همٿائيندڙ ڏٺو ويو جتي متنوع سيڙپڪارن پهرين ۽ چٽاڀيٽي ۾ ڀرپور دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ مثبت رايا ڏنا. هي رجحان پاڪستان ۾ ڪلي معيشت جي استحڪام، بهتر پاليسي ۽ سڌارا جاتي فريم ورڪ ۽ وچين مُدي جي حوالي سان مثبت معاشي منظرنامي تي وڌندڙ اعتماد جي عڪاسي ڪري رهيو آهي. لاڳاپيل چيني عملدارن حتمي ريگيوليٽري منظورين جي توقع جنوريءَ جي شروع کان جاري آهي، جنهن کانپوءِ پهرين پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ کي جنوري ئي ۾ لانچ ڪري مڪمل ڪرڻ جو منصوبو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان طرفان چيني آن شور بانڊ مارڪيٽ ۾ شموليت هڪ منظم ۽ پروگرام تي ٻَڌل فنانسنگ حڪمت عملي تحت ڪيون پيون وڃن، جيڪي محتاط قرض جاتي، نظم و نسق جي هدفن سان هم آهنگ آهن. پانڊا بانڊ پروگرام جو مجموعي ڳاڻيٽو تقريبن هڪ ارب آمريڪي ڊالرن جي برابر رکيو ويو آهي، جڏهن ته پهرئين مرحلي ۾ تقريبن 250 ملين آمريڪي ڊالرن جي برابر بانڊ جاري ڪرڻ جو منصوبو آهي. هن چيو ته پانڊا سيريز ٽو تحت آئينده بانڊ جاري ڪرڻ لاءِ تياريءَ جو عمل پهرين کان شروع ڪيو ويو آهي ۽ ان مرحليوار حڪمت عمليءَ تي چيني ريگيوليٽري عملدارن کي مڪمل طور آگاهه ڪيو ويو آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن نشاندهي ڪئي ته موجوده مارڪيٽ حالتون مناسب آهن. سيڙپڪارن جي وسيع بنياد سان دلچسپي برقرار آهي ۽ مارڪيٽ جي ڪارڪردگي منظم انداز ۾ جاري آهي، ضروري دستاويز ۽ ضمانتون پنهنجي جاءِ تي موجود آهن، جڏهن ته مالياتي ادارن سان رابطا منصوبي موجب اڳتي وڌي رهيا آهن. اجلاس کي اهو به ٻُڌايو ويو ته پانڊا سيريز ٽو لاءِ مالياتي ادارن سان رابطا منصوبي موجب اڳتي وڌي رهيا آهن. اجلاس کي اهو به آگاهه ڪيو ويو ته پانڊا سيريز ٽو لاءِ مالياتي ادارن سان شروعاتي سطح تي رابطا ڪيا ويا آهن، جن جون تجويزون پهرين پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ جي پڄاڻيءَ جي ويجهو ملڻ جي توقع آهي. بانڊ جي قيمتن جو تعين سمورن ريگيوليٽري گهرجن کي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ مارڪيٽ مان عملي رابطي جي مرحلي ۾ ڪيو ويندو. ناڻي واري وزير هن وقت تائين ٿيل اڳڀرائيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ محتاط مارڪيٽ تي ٻَڌل فنانسنگ لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته پهريون پانڊا بانڊ پاڪستان جي وچين مُدي جي قرضن جي استحڪام کي مضبوط بڻائڻ ۽ مالي وسيلن جي ذريعن ۾ جدت آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

مزید خبریں