جيترو اهم ڪم آئين ٺاهڻ آهي اوترو ئي اهم آئين تي عملدرآمد ڪرڻ آهي: احسن اقبال

اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقيءَ واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته سالياني آئيني رپورٽنگ کي صرف هڪ رسمي عمل بدران نتيجن تي ٻَڌل بڻائڻ اڻٽر آهي، آئين رياست جي رُخ جو تعين ڪري ٿو جڏهن ته آئين جا اصول پاليسيءَ تي عملدرآمد لاءِ اڄ تائين ڪو واضح ۽ جامع روڊ ميپ موجود ناهي، جيڪو هڪ وڏو خال آهي، حڪومت هڪ اهڙو قومي فريم …

اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقيءَ واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته سالياني آئيني رپورٽنگ کي صرف هڪ رسمي عمل بدران نتيجن تي ٻَڌل بڻائڻ اڻٽر آهي، آئين رياست جي رُخ جو تعين ڪري ٿو جڏهن ته آئين جا اصول پاليسيءَ تي عملدرآمد لاءِ اڄ تائين ڪو واضح ۽ جامع روڊ ميپ موجود ناهي، جيڪو هڪ وڏو خال آهي، حڪومت هڪ اهڙو قومي فريم ورڪ متعارف ڪرائڻ چاهي ٿي جيڪا شفاف، نتيجن تي ٻَڌل ۽ قابلِ احتساب هجي جنهن تحت آئين جا اصول، پاليسيءَ جا هدف، ترقياتي ترجيحن ۽ گورننس آئوٽ ڪمز کي هم آهنگ ڪيو ويندو. اهڙو اظهار هن رٿابندي ۽ ترقيءَ واري وزارت جي انتظام هيٺ ڪالهه پاڪستان جي آئين جا اصول پاليسيءَ تي هڪ قومي مشاورتي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان سلسلي ۾ رٿابندي ۽ ترقيءَ واري وزارت جي قدمن هيٺ ڪالهه پاڪستان جي آئين جا اصول پاليسيءَ تي هڪ قومي مشاورتي ورڪشاپ جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن کي رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال خطاب ڪيو. وفاقي وزير چيو ته سالياني آئيني رپورٽنگ کي صرف هڪ رسمي عمل سمجهڻ بدران نتيجن تي ٻَڌل بڻائڻ اڻٽر آهي. هن واضح ڪيو ته رپورٽ جو معيار ان جي خوبصورتي نه پر هي هئڻ گهرجي ته ان جا اثر عوام جي زندگيءَ ۾ ڪيتري حد تائين بهتري آڻي رهيا آهن. احسن اقبال چيو ته جيترو اهم ڪم آئين ٺاهڻ آهي اوترو ئي اهم آئين تي عملدرآمد ڪرڻ آهي. آئين رياست جي رُخ جو تعين ڪري ٿو، جڏهن ته آئين جا اصول پاليسيءَ تي عملدرآمد لاءِ اڄ تائين ڪو واضح ۽ جامع روڊ ميپ موجود ناهي، جيڪو هڪ وڏو خال آهي. هن نشاندهي ڪئي ته گذريل 52 سالن ۾ اصول پاليسيءَ تي عملدرآمد لاءِ مؤثر نظام نه جڙي سگهيو، ان لاءِ هاڻ هڪ ٺوس قابلِ عمل ۽ قابلِ احتساب لائحه عمل جوڙڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هر وزارت روايتي رپورٽنگ ته ڪري ٿي پر ٺوس نتيجا ۽ گورننس آئوٽ ڪمز جاچڻ جو جامع نظام موجود ناهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت هڪ اهڙو قومي فريم ورڪ متعارف ڪرائڻ چاهي جيڪا شفاف نتيجن تي ٻَڌل ۽ قابلِ احتساب هجي، جنهن تحت آئين جا اصول، پاليسيءَ جا هدف، ترقياتي ترجيحون ۽ گورننس آئوٽ ڪمز کي هم آهنگ ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته اسٽيڪ هولڊرز جي رهنمائيءَ ۾ هر اصول پاليسيءَ کي عملي قدمن ۽ واضح هدفن ۾ اختيار ڪيو ويندو ته جيئن آئيني گهرجون، عوامي فلاح ۽ جامع ترقيءَ ۾ حقيقي طور شامل ٿي سگهن. گورننس جو اصل مقصد جامع ترقي ۽ سمورن شهرين لاءِ برابريءَ جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي.

مزید خبریں