سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ جي کليل ڪچهريءَ ۾ عوام جي وڏي انگ ۾ شرڪت

چنيوٽ-19 ڊسمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چنيوٽ ۾ کُلي ڪچهريءَ جو بندوبست ڪيو جنهن ۾ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. کُليل ڪچهريءَ ۾ سمورن وفاقي ادارن جا نمائندا ۽ لاڳاپيل انچارج آفيسر به موجود هئا. وفاقي وزير شهرين جا مسئلا تفصيل سان ٻُڌا ۽ انهن جي فوري حل لاءِ موقعي تي ئي حڪم جاري ڪيا. ڪيترن ئي درخواستن تي هن ضلعي آفيسرن …

چنيوٽ-19 ڊسمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چنيوٽ ۾ کُلي ڪچهريءَ جو بندوبست ڪيو جنهن ۾ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. کُليل ڪچهريءَ ۾ سمورن وفاقي ادارن جا نمائندا ۽ لاڳاپيل انچارج آفيسر به موجود هئا. وفاقي وزير شهرين جا مسئلا تفصيل سان ٻُڌا ۽ انهن جي فوري حل لاءِ موقعي تي ئي حڪم جاري ڪيا. ڪيترن ئي درخواستن تي هن ضلعي آفيسرن سان ٽيليفون تي رابطو ڪري عوامي مسئلا فوري حل ڪرايا جنهن تي شهرين اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ عوامي خدمت، شفاف حڪمراني ۽ تيز رفتار ڪارڪردگي جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت مختصر مُدي ۾ مهانگائيءَ تي ضابطو، معاشي استحڪام، سيڙپڪاريءَ کي هٿي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا ۽ عوامي فلاح جا ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا.

مزید خبریں