لاهور-19 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقيءَ واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته شاگرد پاڪستان جو روشن مستقبل آهن، تحقيق کانسواءِ عملي ميدان ۾ ترقي ممڪن ناهي، ملڪي ترقيءَ لاءِ امن، سياسي استحڪام ۽ پاليسين جو تسلسل اڻٽر آهي. قرآن پاڪ کان دُوري مسلمانن جي زوال جو اصل سبب، صحت جي شعبي جي ترقيءَ لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن، ميڊيڪل تعليم جي فراهميءَ ۾ ڪنگ …
شاگرد پاڪستان جو روشن مستقبل آهن، تحقيق کانسواءِ عملي ميدان ۾ ترقي ممڪن ناهي: احسن اقبال

مزید خبریں
لاهور-19 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقيءَ واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته شاگرد پاڪستان جو روشن مستقبل آهن، تحقيق کانسواءِ عملي ميدان ۾ ترقي ممڪن ناهي، ملڪي ترقيءَ لاءِ امن، سياسي استحڪام ۽ پاليسين جو تسلسل اڻٽر آهي. قرآن پاڪ کان دُوري مسلمانن جي زوال جو اصل سبب، صحت جي شعبي جي ترقيءَ لاءِ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن، ميڊيڪل تعليم جي فراهميءَ ۾ ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. اهڙو اظهار هن ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل يونيورسٽي لاهور ۾ 45هين انٽرنيشنل سائنٽيفڪ ڪانفرنس 2025ع جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪندي ڪيو. احسن اقبال چيو ته طبي تعليم ڪنهن به معاشري لاءِ بنيادي ٿنڀ آهي. ڊاڪٽر صرف هڪ پيشيور نه پر ماڻهن جي جان بچائيندڙ انساني خدمتگار هوندا آهن. صحت جي شعبي ۾ تحقيق ۽ تعليم کي هٿي ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. نوجوان قومي اثاثو ۽ شاگرد پاڪستان جو روشن مستقبل آهن. حڪومت نوجوانن کي تعليم جي زيور سان سينگارڻ ۽ صحت جي شعبي جي بهتريءَ لاءِ انقلابي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين جون ملڪ لاءِ خدمتون شاندار آهن. ڪنگ ايڊورڊ يونيورسٽي تعليم کي هٿي وٺرائڻ ۽ صحت جي شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي، جيڪو ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ 45هين ڪانفرنس جي انتظام سنڀاليندڙن کي مبارڪون ڏيان ٿو، جن شاگردن ۽ محققن کي ريسرچ، انوويشن ۽ صحت جي مستقبل تي ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪيو. هن چيو ته مسلمان پنهنجو شاندار ماضي رکن ٿا جيستائين مسلمانن جو تعلق قرآن پاڪ سان رهيو، هنن ڪيئي سؤ سالن تائين دنيا تي حڪمراني ڪئي، جڏهن ته اڄ اسان پنهنجي اصل کان پوئتي هٽي چڪا آهيون، علم ۽ تحقيق جي ميدان ۾ تمام گهڻو پوئتي رهجي ويا آهيون جنهن سبب زوال پذير ٿي ويا آهن. اسان کي ڪاميابيءَ لاءِ پنهنجي اصل طرف موٽڻو پوندو. قرآن اسان جو پاور هائوس آهي جيڪو علم طرف مائل ڪري ٿو ۽ ڪائنات جا راز کولڻ جي دعوت ڏئي ٿو. قرآن ۾ چيو ويو آهي ته ان ۾ نشانيون آهن، علم ۽ بصارت وارن لاءِ اسان کي ڪائنات جي رازن تي غور ڪرڻ ۽ تحقيق ۽ ريسرچ کي اختيار ڪرڻو آهي، ان ۾ ئي اڳتي وڌڻ جا رستا موجود آهن. وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) هميشه ان ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته جهڙيءَ طرح ڪنهن به مرض جي سُڃاڻپ کانسواءِ مريض جو علاج نٿو ڪري سگهجي اهڙيءَ طرح ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ امن، سياسي استحڪام، پاليسين جو تسلسل ۽ سڌارن کي اڳتي وڌائڻ تمام ضروري آهي. تقريب جي آخر ۾ احسن اقبال شرڪت ڪندڙن ۾ شيلڊون ورهايون، جڏهن ته پرنسپل ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل ڪاليج يونيورسٽي وفاقي وزير کي سووينيئر پيش ڪيو.










