اسلام آباد - 19 ڊسمبر (اي پي پي) لوڪ ورثه اسلام آباد ۾ پاڪ تاجڪ ثقافتي فيسٽيول ويڪ جي افتتاحي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي، تاجڪستان جي ثقافت واري وزير ستوريون متلوباخون امونزود، مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، تاجڪ سفير، حڪومتي ۽ سفارتي شخصيتن، فنڪارن ۽ ثقافت سان واڳيل ماڻهن شرڪت ڪئي. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي …
لوڪ ورثه اسلام آباد ۾ پاڪ تاجڪ ثقافتي فيسٽيول ويڪ شروع

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) لوڪ ورثه اسلام آباد ۾ پاڪ تاجڪ ثقافتي فيسٽيول ويڪ جي افتتاحي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي، تاجڪستان جي ثقافت واري وزير ستوريون متلوباخون امونزود، مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، تاجڪ سفير، حڪومتي ۽ سفارتي شخصيتن، فنڪارن ۽ ثقافت سان واڳيل ماڻهن شرڪت ڪئي. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو ته پاڪ – تاجڪ ثقافتي فيسٽيول ٻنهي ڀائر ملڪن جي گهري دوستي ۽ تاريخي ۽ ثقافتي رشتن جي علامت آهي. هن چيو ته ثقافتي سفارتڪاري خطي ۾ امن، هم آهنگي ۽ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. سندس چوڻ هو ته فن، موسيقي ۽ روايتن جي مٽاسٽا سان قومن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي سگهجي ٿو ۽ هي فيسٽيول نئين نسل جي لاءِ هڪ مثبت ۽ تعميري پيغام آهي. پنهنجي خطاب ۾ تاجڪ ثقافت واري وزير چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان رڳو جاگرافيائي طور تي ويجهو نه پر صدين تي ٻڌل روحاني، لساني، تاريخي ۽ ثقافتي رشتن ۾ پڻ ڳنڍيل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا اعليٰ قيادت جي دانشمنداڻي پاليسين تحت مسلسل وڌي رهيا آهن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون اسٽريٽجڪ حصيداري جو مضبوط مثال آهي. هن پاڪستان جي تاريخي جاين، لساني تنوع ۽ ادبي ورثي کي ساراهيندي چيو ته تاجڪ ۽ اردو شاعري هڪ ئي فڪري سرچشمي سان ڳنڍيل آهي. هن چيو ته ثقافتي ڏينهن رڳو تقريبون نه آهن پر امن، دوستي ۽ گڏيل احترام جو پيغام آهي. مواصلات واري وزير عبدالعليم خان پڻ تقريب ۾ خصوصي شرڪت ڪئي ۽ تاجڪستان جي ثقافت کي ساراهيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل ثقافتي پروگرامز جو انعقاد خوش آئنده آهي. هن پاڪ – تاجڪ ثقافتي فيسٽيول جي ڪامياب انعقاد تي ثقافت واري وفاقي وزير ۽ تاجڪ سفير کي مبارڪباد ڏني. تقريب جي پڄاڻي تي لوڪ موسيقي، رقص ۽ ثقافتي مظاهرن حاضرين کي جهومائي ڇڏيو. تاجڪ ٿقافتي فيسٽيول ويڪ کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپن ۾ هڪ نئين سگهه قرار ڏنو پيو وڃي.










