صدر آصف علي زرداري عراق جي صدر ڊاڪٽر عبداللطيف جمال رشيد جي دعوت تي 20 کان 24 ڊسمبر تائين عراق جو سرڪاري دورو ڪندو

اسلام آباد - 19 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عراق جي صدر ڊاڪٽر عبداللطيف جمال رشيد جي دعوت تي 20 کان 24 ڊسمبر تائين عراق جو سرڪاري دورو ڪندو. اهو دورو پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ پراڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جو مظهر آهي جيڪي گڏيل مذهبي، ثقافتي قدرن ۽ گڏيل احترام تي قائم آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب دوري دوران صدر …

اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عراق جي صدر ڊاڪٽر عبداللطيف جمال رشيد جي دعوت تي 20 کان 24 ڊسمبر تائين عراق جو سرڪاري دورو ڪندو. اهو دورو پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ پراڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جو مظهر آهي جيڪي گڏيل مذهبي، ثقافتي قدرن ۽ گڏيل احترام تي قائم آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب دوري دوران صدر عراقي قيادت سان اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪندو جن ۾ ٻطرفي لاڳاپن جو سمورن رخن جو جائزو ورتو ويندو ۽ گڏيل دلچسپي جي اهم شعبن بشمول واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، نئين سر تعمير،افرادي قوت، ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ عوامي رابطن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي غور ڪيو ويندو. ان کانسواءِ علائقائي ۽ عالمي صورتحال، گهڻ رخي فورمز تي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. ان دوري ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خاص طور تي مذهبي سياحت ۽ اقتصادي تعاون جي ڏس ۾ روايتي طور گرمجوش ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، حصيداري جا نوان موقعا ڳولڻ ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيڻ جي اميد آهي. اهو سرڪاري دورو عراق سان پاڪستان جي مسلسل مصروفيت هڪ ڪارائتي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جي فروغ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو عراق جي استحڪام ۽ ترقي سان گڏوگڏ علائقائي امن ۽ خوشحالي ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندو.

مزید خبریں