قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي اڳواڻي ۾ پارلياماني وفد جي مالديپ جي نائب صدر سان ملاقات

اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي اڳواڻي ۾ پارلياماني وفد مالديپ جي دوري جي موقعي تي مالديپ جي نائب صدر عز حسين محمد لطيف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ – مالديپ لاڳاپن ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان مالديپ سان دوستي ۽ …

اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي اڳواڻي ۾ پارلياماني وفد مالديپ جي دوري جي موقعي تي مالديپ جي نائب صدر عز حسين محمد لطيف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ – مالديپ لاڳاپن ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان مالديپ سان دوستي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪ مالديپ لاڳاپا گڏيل مذهب، اخوت ۽ مضبوط عوامي رابطن تي قائم آهن، سرحد پار کان دهشتگردي هڪ سنگين علائقائي ۽ عالمي چئلينج آهي، ڪراس بارڊر دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششون ضروري آهن، پاڪستان  ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي، اسپيڪر سردار اياز صادق فلسطيني عوام خلاف اسرائيلي ظلمن ۽ خوراڪ ۽ دوائن جي بندش جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته ڪشميري عوام جي خودمختياري واري حق کان محروم رکڻ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪرڻ سان ڪشميرين جي قانوني سڃاڻپ ۽ ملڪيت وارو حق ختم ٿيو.اسپيڪر ڀارت ۾ اقليتن خاص ڪري مسلمانن خلاف وڌندڙ اڻبرابري واري سلوڪ تي ڳڻتي جواظهار ڪيو ۽ چيو ته بهار جي وزيراعليٰ طرفان مسلم عورت جو حجاب هٽائڻ مذمت جوڳو ۽ شرمناڪ آهي، مذهبي آزادي ۽ عورتن جي بي حرمتي مذمت جوڳي آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر واقعي جي مذمت بدران ڪجهه ڀارتي سياسي ڌرين طرفان ان طرز عمل جي حمايت تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اقليتن جي بنيادي حقن جو تحفظ عالمي برادري جي گڏيل ذميواري آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ نائب صدر موسمياتي تبديلي کي گڏيل عالمي چئلينج قرار ڏنو ۽ ٻنهي اڳواڻن جو موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل لائحه عمل اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. مالديپ جي نائب صدر چيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. سياحت ۽ اعليٰ تعليم ۾ پاڪ مالديپ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن. مالديپ جي نائب صدر عوامي رابطن ۽ تعليمي تعاون کي ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهم قرار ڏنو، پاڪستاني پارلياماني وفد ۾ ايم اين ايز صلاح الدين جوڻيجو، نويد عامر جيوا، محمود قادر خان، بلال فاروق تارڙ، محمد بلال بدر ۽ دانيال احمد شامل آهن.

مزید خبریں