اسلام آباد - 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ خصوصي ٻارن جي بحالي بابت آٽزم سينٽر آف ايڪسيلينس جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته خصوصي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۽ انهن کي هنر سان ليس ڪري معاشري جو فعال شهري بڻائڻ ضروري آهي، خصوصي ٻارن جو هٿ پڪڙڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، حڪومت جو فرض …
وزيراعظم اسلام آباد ۾ خصوصي ٻارن جي بحالي بابت آٽزم سينٽر آف ايڪسيلينس جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو

مزید خبریں
اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ خصوصي ٻارن جي بحالي بابت آٽزم سينٽر آف ايڪسيلينس جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته خصوصي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۽ انهن کي هنر سان ليس ڪري معاشري جو فعال شهري بڻائڻ ضروري آهي، خصوصي ٻارن جو هٿ پڪڙڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، حڪومت جو فرض آهي ته خصوصي ٻارن جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ٻارن جي بحالي بابت آٽزم سينٽر آف ايڪسيلينس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته خصوصي ٻارن جي خدمت جي لاءِ ڪيترائي ادارا ڏهاڪن کان ڪم ڪري رهيا آهن، آٽزم جي لاءِ سينٽر آف ايڪسيلينس جو هتي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو آهي، ٻن سالن ۾ هي ادارو مڪمل ٿيندو پر مون هدايت ڪئي آهي ته ٻن سالن بدران هڪ سال ۾ اهو مڪمل ٿيڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ تعليم واري وفاقي وزير ۽ تعليم واري سيڪريٽري خاطري ڪرائي آهي ته هي ادارو هڪ سال ۾ مڪمل ٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن هڪ ٻار ڪنهن صلاحيت کان محروم ٿئي ٿو ته الله تعاليٰ ان کي بي پناهه ٻين صلاحيتن، حڪمت، بصيرت ۽ قابليت سان نوازي ٿو، خصوصي ٻار قوم جا ٻار آهن، حڪومت جو فرض آهي ته انهن جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي انهن کي معاشري ۾ پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي قابل بڻائي، انهن جي لاءِ بهترين تربيتي مرڪزن، استادن، جديد اوزارن ۽ ٽيڪنالاجي جو انتظام ڪري. وزيراعظم چيو ته اڄ جن خصوصي ٻارن هتي پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو آهي اهي ڪنهن به عام ٻارن جي صلاحيتن کان گهٽ نه آهن، انهن هتي پوري ملڪ جي لاءِ محبت، يڪجهتي ۽ ايثار جا گل وکيريا آهن، ٻارن جنهن ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي اهو ساراهه جوڳو آهي، بيت المال جي چيئرمين کي به ان سلسلي ۾ پنهنجي اداري پاران تعاون ڪرڻ گهرجي، ان کانسواءِ به جيڪو هن خير جي ڪم ۾ حصو وٺندو ان کي دنيا ۽ آخرت ۾ ان جو اجر ملندو، خصوصي ٻارن جو هٿ پڪڙڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، خاص طور تي ٻارن جي تربيت جي لاءِ ڪوششون ڪندڙ والدين کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ڇو ته اهي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيا آهن. ان موقعي تي وزيراعظم خصوصي ٻارن جي اچ وڃ جي لاءِ اداري جي لاءِ 15 ڪوچز جي فراهمي جو پڻ اعلان ڪيو. هن چيو ته اهي 15 ڪوچز گرانٽ جي طور تي ڏنيون آهن ته جيئن ڳاڙهي ڦيٿي جي رڪاوٽ نه ٿئي. ان موقعي تي تعليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته اڄ اسان قومي ارادي کي قومي اداري ۾ تبديل ڪري رهيا آهيون، حڪومت خصوصي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۽ معاشي شموليت يقيني بڻائڻ جي لاءِ جامع قدم کڻي رهي آهي، الله ڪنهن به شخص کي معذوري سان گڏ طاقت ۽ صلاحيت به ڏي ٿو، جن کي قوم بار سمجهي ٿي اسان جو هي ادارو انهن کي باصلاحيت بڻائي ٿو. آٽزم ايڪسپرٽ عائشه هارون چيو ته آٽزم جي شڪار ٻارن جي خدمت ڪندي مون کي 15 سال ٿي ويا آهن، اولاد دنيا جي سڀ کان وڏي نعمت آهي، اهڙا تعليمي ادارا ۽ سهولتون تمام گهٽ آهن جتي انهن جي خصوصي ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي، منهنجو ٻار آٽزم جو شڪار ٿيو جنهن سان منهنجي زندگي جو رخ بدلجي ويو، 2009ع ۾ الله تعاليٰ ان کي بي زبان ٻارن جو مون کي آواز بڻايو، برطانيا ۾ خصوصي ٻارن جي اداري مان سکڻ جو موقعو مليو، هن وقت اسان وٽ 55 اسٽاف ميمبر آهن، وطن واپسي تي 2009ع ۾ خصوصي ٻارن جي لاءِ اوئيسس اسڪول قائم ڪيو جتي هڪ ئي ڇت جي هيٺ سموريون سهولتون موجود آهن. هن چيو ته هن اسڪول ۾ عالمي معيار موجب خصوصي ٻارن کي تعليم فراهم ڪئي پئي وڃي، اسان جو خواب آهي ته اوئيسس اسڪول کي ڪاليج ۽ ماڊل سٽي بڻايو وڃي. هن چيو ته هن اسڪول جو بنياد خوشي، خودمختياري ۽ تحفظ جي بنياد تي رکيو ويو آهي، اسان جي اداري ۾ 70 کان وڌيڪ ٻارن کي مختلف سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. تقريب ۾ خصوصي ٻارن قومي ترانو پڙهي وطن سان والهاڻي محبت جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي فن جو ڀرپور مظاهرو ڪرڻ کانسواءِ ٽيبلوز پيش ڪيا. وزيراعظم ڀرپور داد ڏني. وزيراعظم خصوصي ٻارن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان شفقت جو اظهار ڪيو.










