وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گهڻ رخي تعاون وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد - 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ واپار، رابطي، توانائي ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ گهڻ رخي تعاون وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمهوريه تاجڪستان جي ثقافت واري وزير مطلوبه خان سهتوريان امان زاده وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات …

اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ واپار، رابطي، توانائي ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ گهڻ رخي تعاون وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمهوريه تاجڪستان جي ثقافت واري وزير مطلوبه خان سهتوريان امان زاده وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قومي ورثي ۽ ثقافت وارو وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي ۽ خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ موجود هئا. وزيراعظم پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ گهري تاريخي، ثقافتي ۽ تهذيبي جي ڏس ۾ پاڪستان جي دوري تي تاجڪ وزير ۽ ان جي وفد جو شاندار استقبال ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جو گڏيل ورثو عوام جي وچ ۾ رابطن ۽ ثقافتي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪري ٿو. ملاقات دوران وزيراعظم ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ثقافت جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي شاندار روايتن، فنون ۽ ورثي جي فروغ جي لاءِ تاريخي قدمن جي طور تي هن هفتي اسلام آباد ۾ جاري پاڪستان تاجڪستان ثقافتي هفتي جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته اهڙي طرح جي مٽاسٽا گڏيل افهام تفهيم کي فروغ ڏيندي ۽ پاڪستان ۽ تاجڪستان جي عوام جي وچ ۾ دوستي وڌيڪ مضبوط ٿيندي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ تاجڪستان سان واپار، رابطي، توانائي ۽ ثقافت سميت گهڻ رخي تعاون وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن صدر امام علي رحمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو ايندڙ سال پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. تاجڪ ثقافت واري وزير، وزيراعظم کي صدر امام علي رحمان پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. تاجڪ وزير پاڪستان جي مهمان نوازي ۽ ثقافتي سفارتڪاري جي عزم کي ساراهيو. هن گڏيل ثقافتي پروگرامن بشمول فنڪارن جا دورا، ڏڻ ۽ نمائشون وڌائڻ ۾ تاجڪستان جي گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته تاجڪ صدر امام علي رحمان ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي وچ ۾ ملاقات ۾ طئي ٿيو هو ته پاڪستان ۾ تاجڪستان جو ثقافتي هفتو ملهايو ويندو، انهي ڏس ۾ تاجڪستان جي ثقافت واري وزير پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي.

مزید خبریں