صدر پاران گڏيل قومن جي انساني حقن جي ماهرن پاران جاري ڪيل رپورٽ جي آجيان

اسلام آباد - 19 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گڏيل قومن جي انساني حقن جي ماهرن پاران جاري ڪيل رپورٽ جي آجيان ڪئي آهي جنهن ۾ هلندڙ سال مئي ۾ پاڪستان جي خلاف ڀارت جي فوجي ڪاررواين ۽ علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام کي متاثر ڪندڙ ان جي وسيع تر طرز عمل تي سنگين ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران …

اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گڏيل قومن جي انساني حقن جي ماهرن پاران جاري ڪيل رپورٽ جي آجيان ڪئي آهي جنهن ۾ هلندڙ سال مئي ۾ پاڪستان جي خلاف ڀارت جي فوجي ڪاررواين ۽ علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام کي متاثر ڪندڙ ان جي وسيع تر طرز عمل تي سنگين ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته هي رپورٽ پاڪستان جي ان پراڻي موقف جي توثيق ڪري ٿي ته عالمي سرحدن جي پار طاقت جو هڪطرفو استعمال گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي ۽ پاڪستان جي خودمختياري جي سنگين پائمالي آهي. هن چيو ته هن سال مئي ۾ پاڪستان ۾ شهري فوتگين، آبادي وارن علائقن ۽ مذهبي جاين کي پهچندڙ نقصان بابت رپورٽ جي نتيجن ۽ ڀارت پاران ڇڪتاڻ ۾ اضافي جا خطرا انتهائي ڳڻتي جوڳا آهن. هن سنڌ طاس معاهدي تحت پنهني ذميوارين کي هڪطرفي طور تي معطل رکڻ جي ڀارتي اعلان، جارحاڻي رويي ۽ بيانن سميت ڀارتي جارحيت جي نتيجي ۾ ٿيندڙ سنگين شهري نقصانن تي رپورٽ جي مشاهدن کي ساراهيو. صدر چيو ته اهو معاهدو هڪ لازمي عالمي معاهدو ۽ علائقائي استحڪام جو بنياد آهي. هن چيو ته طئي ٿيل تڪرارن جي حل جي طريقيڪار کي نظرانداز ڪرڻ ۽  پاڻي جي وهڪري کي متاثر ڪندڙ قدم پاڪستان جي حقن جي خلاف ورزي ۽ انساني حقن جي حوالي سان سنگين نتيجن جو سبب بڻجي سگهن ٿا. صدر آصف علي زرداري چيو ته رپورٽ ڀارت جي ان طرزعمل تي وڌندڙ عالمي ڳڻتي جي عڪاس آهي جيڪا هڪ سرڪش رياست جي طور تي قانون ۽ مڪالمي بدران ڏاڍ، ڌمڪي ۽ طاقت ۽ تشدد کي معمول بڻائڻ تي انحصار ڪري رهي آهي. هن چيو ته مختلف ملڪن ۾ ڀارت پاران سرحد پار تشدد ۽ ٽارگيٽ ڪلنگز بابت سنگين رپورٽون هڪ خطرناڪ رجحان جي نشاندهي ڪري ٿو جيڪو نه رڳو خطي پر عالمي اصولن کي پڻ نقصان پهچائي رهيو آهي. صدر ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اها رپورٽ ڀارت جي غيرذميواراڻي رياستي رويي کي واضح طور تي ظاهر ڪري ٿي. هن چيو ته ڀارت ڊگهي عرصي کان پنهنجي اقليتن کي نظرانداز ڪندو اچي رهيو آهي ۽ گڏيل قومن جهڙن عالمي فورمز ۾ پنهنجي واعدن جي پاسداري نه ڪري رهيو آهي جڏهن ته اهڙي قسم جو سرڪش رويو سدائين جاري نه ٿو رهي سگهي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهڙي طرزعمل کي جاري رهڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. صدر رپورٽ جي ان واضح نتيجي جو حوالو ڏنو ته عالمي قانون دهشتگردي جي نالي تي هڪطرفي فوجي ڪارروائي جي ڪنهن جدا حق کي تسليم نه ٿو ڪري. هن چيو ته عالمي قانون تحت پاڪستان جي فطري دفاع جي حق جي توثيق انهن خلاف ورزين جي سنگيني کي اجاگر ڪري ٿي. صدر ڀارت جي علائقائي طرزعمل تي گڏيل قومن جي ماهرن پاران ٿيندڙ جاچ جي آجيان ڪئي آهي. هن ان حوالي سان شفافيت ۽ جوابدهي جو مطالبو ڪيو. صدر گڏيل قومن جي خصوصي ماهرن پاران قابل اعتماد ثبوتن، شهري نقصانن جي ازالي، معاهداتي ذميوارين جي پاسداري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير سميت سمورن تڪرارن تي پرامن ڳالهه ٻولهه جي مطالبي جي پڻ آجيان ڪئي. عالمي قانون جي احترام، امن ۽ تحمل جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري جي تحفظ، عوام جي حقن جي دفاع ۽ خطي ۾ استحڪام جي فروغ جي لاءِ سفارتي ۽ قانوني ذريعا استعمال ڪندو رهندو.

مزید خبریں