اسلام آباد _19 ڊسمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي ) جي ڊائريڪٽر جنرل ليه گوتريز پنهنجي ٽيم سميت ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ريلوي جي اسٽريٽجڪ اهميت رکندڙ منصوبي ”مين لائن ون“ (ML-1) جي اپ گريڊيشن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران وفاقي وزير کي ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو …
ايم ايل ون ڪراچي کان روهڙي منصوبي جي پيڙهه جو پٿر جولاءِ 2026ع ۾ رکڻ تي اتفاق

مزید خبریں
اسلام آباد _19 ڊسمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي ) جي ڊائريڪٽر جنرل ليه گوتريز پنهنجي ٽيم سميت ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ريلوي جي اسٽريٽجڪ اهميت رکندڙ منصوبي ”مين لائن ون“ (ML-1) جي اپ گريڊيشن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران وفاقي وزير کي ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايم ايل ون پاڪستان ريلوي جي معاشي ۽ جاگرافيائي شهه رڳ آهي، جيڪا ملڪ جي 80 سيڪڙو مسافر ٽريفڪ ۽ 90 سيڪڙو فريٽ (مال برداري) جي اچ وڃ جو بار سنڀالي رهي آهي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته انفراسٽرڪچر جي موجوده حالت ۽ وڌندڙ گهرج کي نظر ۾ رکندي ان ٽريڪ جي فوري اپ گريڊيشن جي اهم ضرورت آهي. ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو ته ايم ايل ون رڳو هڪ ريلوي ٽريڪ ناهي پر قومي معيشت جي بحالي لاءِ هڪ اهم منصوبو آهي. هن ان ميگا پراجيڪٽ کي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل قرار ڏنو. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڊائريڪٽر جنرل منصوبي جي تياري ۽ هيل تائين جي اڳڀرائي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي فني ۽ مالياتي سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران اها اڳڀرائي سامهون آئي ته ٻنهي ڌرين اتفاق ڪيو ته ايل ايم ون ڪراچي کان روهڙي سيڪشن جي اپ گريڊيشن جي باقاعده شروعات جولاءِ 2026ع ۾ ڪئي ويندي. ان ملاقات سان پاڪستان ريلوي کي جديد رخن تي آڻڻ ۽ ملڪي معيشت ۾ استحڪام جون نيون راهون کلڻ جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي.










