اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي)واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ضلعي چمن ۽ چمن چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري سان تعلق رکندڙ واپارين، اڳواڻن ۽ ڪميونٽي نمائندن سان سرحدي واپار بابت مسئلن تي اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪ – افغان سرحد چمن ڪراسنگ جي بار بار ۽ ڊگهي بندش سبب درپيش ڏکيائين تي تفصيلي غور ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن آگاهه ڪيو ته سرحد …
واپار واري وفاقي وزير جي صدارت ۾ اجلاس، چمن ڪراسنگ جي بندش سبب درپيش ڏکيائين تي غور ڪيو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي)واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ضلعي چمن ۽ چمن چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري سان تعلق رکندڙ واپارين، اڳواڻن ۽ ڪميونٽي نمائندن سان سرحدي واپار بابت مسئلن تي اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪ – افغان سرحد چمن ڪراسنگ جي بار بار ۽ ڊگهي بندش سبب درپيش ڏکيائين تي تفصيلي غور ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن آگاهه ڪيو ته سرحد جي بندش سبب واپارين کي مالي نقصان، خراب ٿيل شين جي روانگي واپار ۾ رڪاوٽ، بيروزگاري ۾ اضافي ۽ سرحدي واپار تي ڀاڙڻ واري مقامي آبادي کي معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، وفاقي وزير ڄام ڪمال خان اسٽيڪ هولڊرز جي خدشن کي ٻڌو ۽ خاطري ڪرائي ته واپار واري وزارت سرحدي واپار بابت معاملن جي حل لاءِ مڪمل تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته چمن جي عوام ۽ واپاري برادري کي درپيش مسئلا حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهن. هن واضح ڪيو ته سرحد کولڻ يا بند ڪرڻ جو فيصلو مجموعي حڪومتي پاليسي تحت ڪيو ويندو آهي ۽ اهو فيصلو رڳو واپار واري وزارت جي دائري اختيار ۾ نٿو اچي. واپار واري وزارت قانوني ۽ جائز واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي. هن چيو ته اجلاس ۾ اٿاريل نقطن کي لاڳاپيل قومي ادارن ۽ مناسب ٻطرفي فورمز تي اٿاريو ويندو ته جيئن سيڪيورٽي گهرجن ۽ قانوني واپار کي هٿي ڏيڻ وچ ۾ توازن قائم رکندي شفاف ۽ اثرائتي سرحدي انتظامي نظام جوڙي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت سرحدي واپار بابت مسئلن جي حل ۽ چمن جي عوام ۽ واپاري برادري جي معاشي مفادن جي تحفظ لاءِ سنجيده قدم جاري رکندي.










