پاڪستان ۾ توانائي جي شعبي ۾ تاريخي بحالي، ڄامشورو پلانٽ ٻيهر فعال، 5 هزار جي لڳ ڀڳ سڌي ريت ۽ اڻ سڌي ريت روزگار جا موقعا ملندا

اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ هڪ اهم ۽ تاريخي اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي 5 سالن کان بند قومي اثاثو ٻيهر فعال ٿي ويو آهي. ڄامشورو جوائنٽ وينچر لميٽيڊ جي پلانٽ جي بحالي کي توانائي جي شعبي ۾ هڪ انقلابي قدم قرار ڏنو پيو وڃي، ان منصوبي جي بحالي ۾ خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن …

اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ هڪ اهم ۽ تاريخي اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي 5 سالن کان بند قومي اثاثو ٻيهر فعال ٿي ويو آهي. ڄامشورو جوائنٽ وينچر لميٽيڊ جي پلانٽ جي بحالي کي توانائي جي شعبي ۾ هڪ انقلابي قدم قرار ڏنو پيو وڃي، ان منصوبي جي بحالي ۾ خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن جي اثرائتي سهولتڪاري سان ڊگهي عرصي کان جاري رنڊڪ ختم ٿي ۽ ريگوليٽري ماحول ۾ نمايان بهتري آئي، جي جي وي ايل پلانٽ جي بحالي سان ساليانو اٽڪل 2 سئو ملين جي بچت متوقع آهي، ٽيڪس جي مد ۾ هر سال اٽڪل 3 بلين روپين جي آمدني جو امڪان آهي. سوئي سدرن گئس ڪمپني (ايس ايس جي سي) کي ان اڳڀرائي جي نتيجي ۾ 2 بلين ڊالرن تائين آمدني جي متوقع آهي. ايس آءِ ايف سي جي سهولتڪاري سان 250 ملين ڊالرن جي سالياني آمدني جي صلاحيت بحال ٿيندي. پلانٽ جي ٻيهر فعال ٿيڻ سان 5 هزار جي لڳ ڀڳ سڌي ريت ۽ اڻ سڌي ريت روزگار جا موقعا ملندا. مقامي پيداوار ۾ اضافي سبب 750000 کان وڌيڪ گهراڻن جون توانائي جون ضرورتون پوريون ڪري سگهجن ٿيون.

مزید خبریں