اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان مشهور صنعتڪار طارق رفيع (ستاره امتياز) ملاقات ڪئي جنهن دوران ملڪي معاشي منظرنامي، سيڙپڪاري جي موجوده موقعن ۽ نجي شعبي جي ڪردار جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سيڙپڪاري بورڊ طرفان جاري بيان موجب ملاقات دوران قيصر احمد شيخ چيو ته سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ …
وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان صنعتڪار طارق رفيع جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان مشهور صنعتڪار طارق رفيع (ستاره امتياز) ملاقات ڪئي جنهن دوران ملڪي معاشي منظرنامي، سيڙپڪاري جي موجوده موقعن ۽ نجي شعبي جي ڪردار جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سيڙپڪاري بورڊ طرفان جاري بيان موجب ملاقات دوران قيصر احمد شيخ چيو ته سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ نجي شعبو ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿو. هن بزنس فيسيليٽيشن سينٽر (بي ايف سي) ۽ آسان ڪاروبار ايڪٽ کي سيڙپڪاري جي ماحول ۾ نمايان بهتري جو سبب قرار ڏيندي چيو ته تازا ريگوليٽري سڌارا سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافي لاءِ اهم حيثيت رکن ٿا. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان تيزي سان سيڙپڪاري لاءِ پُرڪشش ۽ محفوظ هنڌ طور اڀري رهيو آهي، بورڊ آف انويسٽمينٽ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، صنعتڪار طارق رفيع سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ وفاقي وزير قيصر احمد شيخ جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته موجوده سڌارن وارن قدمن سان ڪاروباري برادري جو اعتماد بحال ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جا نوان امڪان پيدا ٿي رهيا آهن.










