وزيراعظم شهباز شريف جو قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ٽيليفونڪ رابطو، قطر جي قومي ڏينهن جي موقعي تي قطر جي ڀائر عوام جي امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار

اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي ڀائر عوام جي امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ پراڻي ۽ گهڻ رخي ٻطرفي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي قومي …

اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي ڀائر عوام جي امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ پراڻي ۽ گهڻ رخي ٻطرفي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي قومي ڏينهن جي موقعي تي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ قطري شاهي خاندان، حڪومت سان گڏوگڏ قطر جي ڀائر عوام کي انهن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي دلي مبارڪباد ڏني ۽ انهن جي امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم قطر جي امير جي دورانديش قيادت ۾ قطر جي شاندار ڪاميابين ۽ عالمي سطح تي ان جي وڌندڙ اهميت کي ساراهيو. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ۽ گهڻ رخي ٻطرفي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم غزه ۾ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ قطر جي قابل قدر ڪردار کي پڻ ساراهيو. هن پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قطر پاران ڳالهه ٻولهه ۾ سهولتڪاري کي ساراهيو. هن سال جي شروع ۾ دوحه جي پنهنجي سرڪاري دورن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم قطر جي امير کي گڏيل اتفاق سان طئي ڪيل تاريخ تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پرجوش دعوت جو ورجاءُ ڪيو. قطر جي امير قومي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪباد ڏيڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، گهري، ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي پنهنجي پختي عزم جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں