اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) کي ٻُڌايو ويو آهي ته جولاءِ کان نومبر جي مُدي دوران مهانگائي جي سراسري شرح 5.0 سيڪڙو رهي، زرعي سائيڪل جي بحاليءَ سان مارڪيٽ ۾ رسد جي صورتحال لاڳيتو معمول تي اچي رهي آهي، پاليسيءَ ۾ مسلسل هم آهنگي ۽ مضبوط نگرانيءَ جو نظام مهانگائيءَ تي ضابطو آڻڻ ۾ ايندڙ مهينن ۾ وڌيڪ مددگار ثابت ٿيندو. …
اي سي سي اجلاس، مهانگائي جي صورتحال تي بريفنگ، ڪيترن ئي وزارتن ۽ ڊويزنن لءِ فني ضمني گرانٽس جي منظوري

مزید خبریں
اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) کي ٻُڌايو ويو آهي ته جولاءِ کان نومبر جي مُدي دوران مهانگائي جي سراسري شرح 5.0 سيڪڙو رهي، زرعي سائيڪل جي بحاليءَ سان مارڪيٽ ۾ رسد جي صورتحال لاڳيتو معمول تي اچي رهي آهي، پاليسيءَ ۾ مسلسل هم آهنگي ۽ مضبوط نگرانيءَ جو نظام مهانگائيءَ تي ضابطو آڻڻ ۾ ايندڙ مهينن ۾ وڌيڪ مددگار ثابت ٿيندو. اجلاس ۾ ڪيترن ئي وزارتن ۽ ڊويزنن لاءِ فني ضمني گرانٽس جي منظوري پڻ ڏني وئي. اي سي سي جو اجلاس ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ مجموعي معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ خاص ڪري مهانگائيءَ جي رجحانن ۽ غذائي تحفظ تي ڌيان ڏنو ويو ۽ جاري مالي سال لاءِ مالي، ترقياتي ۽ سماجي شعبي بابت ڪيتريون ئي تجويزون منظور ڪيون ويون. پلاننگ، ڊولپمينٽ اينڊ اسپيشل انيشيئٽو ڊويزن جي چيف اڪانومسٽ ڊاڪٽر امتياز احمد موجوده معاشي حالتن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. ڪميٽيءَ کي آگاهه ڪيو ويو ته جاري مالي سال دوران مجموعي مهانگائي جي صورتحال ۾ نمايان بهتري آئي آهي جنهن سان قيمتن ۾ استحڪام ۽ ڪلي معيشت جي بهتر انتظام جي عڪاسي ٿي رهي آهي. صارفين لاءِ مهانگائي مالي سال جي شروعاتي مهينن جي نسبت ۾ گهٽ سطح تي رهي جيڪا جولاءِ ۾ 4.1 سيڪڙو ۽ آگسٽ ۾ 3.0 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ ٻوڏ سبب رسد ۾ رڪاوٽن سبب عارضي دٻاءُ سامهون آيو ۽ بعد ۾ مهانگائيءَ ۾ گهٽتائي آهي. نومبر ۾ سراسري مهانگائي 6.1 سيڪڙو تائين اچي وئي جنهن سان قيمتن تي دٻاءُ جي عڪاسي ٿي رهي آهي. اجلاس ۾ ٻُڌايو ويو ته جولاءِ کان نومبر جي مُدي دوران سراسري مهانگائيءَ جي شرح 5.0 سيڪڙو رهي جيڪا گذريل سال جي ان مُدي ۾ 7.9 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ نمايان طور گهٽ آهي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي محتاط مالي نظم و نسق قيمتن جي مؤثر استحڪام لاءِ قدمن ۽ مارڪيٽن جي بهتر نگرانيءَ سبب ممڪن ٿي. مهانگائي حڪومتي بجيٽ ڪاٿي موجب ئي رهي آهي. اجلاس ۾ قيمتن جي حساس اهڃاڻ (ايس پي آءِ) تحت قيمتن جي هفتيوار نگراني جو به جائزو ورتو ويو جنهن سان ضروري شين ۾ استحڪام جو رجحان ظاهر ٿيو. تازن انگن اکرن موجب 51 مان 10 ضروري شين جي قيمتن ۾ هفتيوار بنيادن تي گهٽتائي ڏٺي وئي جنهن سان صارفين کي عملي رليف مليو. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته ٻوڏ کانپوءِ زرعي سائيڪل جي بحاليءَ سان مارڪيٽ ۾ رسد جي صورتحال لاڳيتو معمول تي اچي رهي آهي ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاليسي ۾ مسلسل هم آهنگي ۽ مضبوط نگرانيءَ جو نظام مهانگائيءَ تي ضابطو آڻڻ ۾ ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ وڌيڪ مددگار ثابت ٿيندو. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت جي سمريءَ تي آزاد ڄمون ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ دانش اسڪولن جي قيام ۽ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن ذريعي وزيراعظم يوٿ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام لاڳو ڪرڻ لاءِ 5760.270 ملين رپين جي اضافي ضمني فني گرانٽ جي صورت ۾ منظوري ڪئي وئي جڏهن ته ڪميٽي وزارت کي هدايت ڪئي ته پائيداريءَ کي بهتر بڻائڻ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊلز تي غور ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته مستقبل ۾ مستقل سرڪاري فنڊز تي ڀاڙڻ مشڪل ٿي سگهي ٿو. سنڌ ۽ ڪي پي ڪي ۾ ايس ڊي جيز اچيومينٽ پروگرام تحت ترقياتي اسڪيمن لاءِ پي آءِ ڊي سي ايل جي سلسلي ۾ هائوسنگ ۽ ورڪس واري وزارت لاءِ 5190.000 ملين رپين جي ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني وئي. بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي تجويز تي ڪميٽيءَ مالي سال 26-2025ع لاءِ پاڪستان ٽوئر ازم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جي بجيٽ لاءِ 170.400 ملين رپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني وئي. وزارت کي هدايت ڪئي وئي ته هڪ جامع بزنس پلان تيار ڪيو وڃي جنهن ۾ پي ٽي ڊي سي جي تجويز ڪيل ڪردار، گورننس فريم ورڪ، افرادي سگهه جي ضرورتن ۽ خاص ڪري ڪنسلٽنسي اسٽڊيز ۽ عالمي سيڙپڪاريءَ لاءِ قدمن جي روشنيءَ ۾ قومي سياحتي حڪمت عملي سان هم آهنگيءَ کي واضح ڪيو وڃي. چيئرمين زور ڀريو ته پي ٽي ڊي سي سان لاڳاپيل اڳوڻن فيصلن تي ڪنهن به نظرثانيءَ کي هڪ مضبوط بزنس ڪيس ذريعي ثابت ڪرڻ گهرجي جيڪو رياستي ملڪيتي ادارن جي سڌارن ۽ رائيٽ سائزنگ جي حڪومتي ايجنڊا موجب هجي. اجلاس ۾ پاور ڊويزن جي تجويز تي وزيراعظم فين ري پليسمينٽ پروگرام تحت فنڊنگ لاءِ اهليت جي معيار تي نظرثاني ۽ ڦيرڦار جي به منظوري ڏني وئي، ان جو مقصد اسڪيم کي مؤثر طور لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ آهي ته جيئن توانائيءَ جي مؤثر استعمال ۽ بجلي جي کپت کي گهٽتائيءَ ۾ وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي. اجلاس ۾ پنجاب، اسلام آباد، ڪيپيٽل ٽريٽري، سنڌ ۽ ڪي پي ڪي ۾ ايس ڊي جيز اچيومينٽ پروگرام تحت اسڪيمون لاڳو ڪرڻ جي سلسلي ۾ پاور ڊويزن لاءِ 6.358 ارب رپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني وئي، اهڙيءَ طرح بجليءَ جي شعبي ۾ ڪيش فلو جي مسئلن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڊسڪوز جي ايڪويٽي جي سلسلي ۾ پاڪستان حڪومت جي سيڙپڪاريءَ تحت 200 ارب رپين جي هڪ ٻي ضمني فني گرانٽ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ انساني همدرديءَ جي پاسن کي نظر ۾ رکندي گهرو ۽ منشيات جي خاتمي واري وزارت جي تجويز تي گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميشن آف انڪوائري آن انفورسڊ ڊس اپيئرنسز طرفان سُڃاڻپ ڪيل 945 مستحق خاندانن کي ادائگيءَ لاءِ 4.775 ارب رپين جي ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني وئي. ڄاڻايل رقم منظور ٿيل طريقيڪار موجب ڪميشن جي نگرانيءَ ۾ ورهائي ويندي. اجلاس ۾ فرنٽيئر ڪور بلوچستان (نارٿ)، ڪوئيٽه جي هيليڪاپٽرن جي سالياني سارسنڀال لاءِ 79 ملين رپيا ۽ پاڪستان رينجرز (سنڌ) جي هيليڪاپٽرن جي مرمت ۽ سارسنڀال لاءِ مالي سال 26-2025ع دوران 10.821 ملين رپين جي ضمني فني گرانٽس جي منظوري ڏني وئي. گهرو ۽ منشيات جي خاتمي واري وزارت جي تجويز تي اي سي سي پارليامينٽ جي ميمبرن لاءِ 104 اضافي فيملي سوئيٽس ملازمن جي ڪوارٽرز جي تعمير جي نظرثاني ٿيل پي سي ون جي منظوري ڏني ۽ ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ کي پنهنجن اثاثن جي سارسنڀال ۽ عمارتن جي بنيادي ڍانچي جي تحفظ لاءِ جامع منصوبو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. اجلاس ۾ بچاءَ واري وزارت جي تجويز تي ايس ڊي جيز اچيومينٽ پروگرام تحت ترقياتي اسڪيمن کي لاڳو ڪرڻ لاءِ 40 ملين رپين ۽ ڪنگ حماد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ الائيڊ ميڊيڪل سائنسز کي هلندڙ مالي سال ۾ فعال ڪرڻ لاءِ 250 ملين رپين جي فني ضمني گرانٽس جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ توانائي واري وفاقي وزير، پيٽروليم، واپار، رٿابندي ۽ ترقي، قومي غذائي تحقيق ۽ تحفظ ۽ سيڙپڪاريءَ کان علاوه لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن ۽ ريگيوليٽري ادارن جي سيڪريٽريز ۽ سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.










