اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت سڌيءَ ريت مداخلت بدران ڊجيٽل، آءِ ٽي، معيشت، زراعت، زرعي ويليو چينز، معدنيات، کاڻين جي کوٽائي، صحت ۽ مهارت تي ٻَڌل انساني سرمائي جي روانگي واپار جي شعبن ۾ سازگار ايڪو سسٽمز جي قيام تي توجهه ڏئي رهي آهي. هن اها ڳالهه انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (آءِ ايف سي) جي وفد سان …
حڪومت ڊجيٽل، آءِ ٽي، معيشت، زراعت، زرعي ويليو چينز، معدنيات، کاڻين جي کوٽائي، صحت ۽ مهارت تي ٻَڌل انساني سرمائي جي روانگي واپار جي شعبن ۾ سازگار ايڪو سسٽمز جي قيام تي توجهه ڏئي رهي آهي: وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت سڌيءَ ريت مداخلت بدران ڊجيٽل، آءِ ٽي، معيشت، زراعت، زرعي ويليو چينز، معدنيات، کاڻين جي کوٽائي، صحت ۽ مهارت تي ٻَڌل انساني سرمائي جي روانگي واپار جي شعبن ۾ سازگار ايڪو سسٽمز جي قيام تي توجهه ڏئي رهي آهي. هن اها ڳالهه انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (آءِ ايف سي) جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي اڳواڻ آءِ ايف سي جو وچ اوڀر ۽ پاڪستان ۽ افغانستان بابت ڊائريڪٽر خواجه آفتاب احمد ڪري رهيو هو، جڏهن ته ساڻس گڏ وقتي ڪنٽري مئنيجر آءِ ايف سي پاڪستان ناز خان به موجود هئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايف سي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ڌُرين خاص طور تي نجي سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپس کي اڳتي وڌائڻ ۽ پائيدار ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪندڙ سڌارن جي مدد جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آءِ ايف سي جي وفد ناڻي واري وزير کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ مشاورتي (ايڊوائيزري) سرگرمين جي حوالي سان پنهنجي وڌندڙ ڪردار تي روشني وڌي. جنهن ۾ مقامي ڪرنسيءَ ۾ فنانسنگ، نجي شعبي جي سيڙپڪاري ۽ پائيداريءَ تي ٻَڌل مشاورتي قدمن ۾ هاڻوڪي اڳڀرائيءَ تي روشني وڌي وئي. ملاقات ۾ خاص ڪري پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ فريم ورڪ جي معاونت ۾ آءِ ايف سي جي وڌندڙ ڪردار تي زور ڀريو ويو جن ۾ شهري خدمتن جي بهتري، وسيلن جي مؤثر استعمال ۽ بنيادي ڍانچي جي ڪارڪردگيءَ کي نجي شعبي جي شموليت ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ ذريعي بهتر بڻائڻ بابت قدم شامل آهن. ڳالهين ۾ وفاقي ۽ صوبائي ادارن سان جاري تعاون جو به ذڪر ڪيو ويو جنهن جو مقصد منصوبن جي تياريءَ کي بهتر بڻائڻ، گورننس کي مضبوط ڪرڻ ۽ اهم سروس ڊليوري شعبن ۾ نجي سرمائي کي متوجهه ڪرڻ آهي. ڌُرين ان ڳالهه تي زور ڀريو ته منظور ٿيل ڏيتي ليتي (ٽرانزيڪشن) تي وقت سر عملدرآمد ۽ سيڙپڪاريءَ جي پائپ لائن ۾ رفتار برقرار رکڻ، مارڪيٽ جي اعتماد کي مضبوط بڻائڻ لاءِ نهايت اهم آهي. ملاقات ۾ عالمي بئنڪ گروپ اندر ويجهي هم آهنگيءَ جي اهميت جو به جائزو ورتو ويو ته جيئن پاڪستان جي سڌارا جاتي ترجيحن جي مدد لاءِ مشاورتي، فنانسنگ ۽ رسڪ ميگيشن جي اوزارن سان مؤثر استعمال مان فائدو حاصل ڪري سگهجي. آءِ ايف سي جي وفد تنظيمي انتظامن بابت تازي ڄاڻ به شيئر ڪئي جن جو مقصد پاڪستان ۽ وسيع تر خطي سان رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي جنهن کي ناڻي واري وزير سٺو سنوڻ قرار ڏنو. ناڻي واري وزير حڪومت جي اسٽريٽجڪ ترجيحن جو خاڪو پيش ڪندي چيو ته حڪومت سڌيءَ ريت مداخلت بدران خاص ڪري ان شعبن ۾ جتي روزگار جا وسيع موقعا ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جي نمايان صلاحيت موجود آهي، سازگار ايڪو سسٽمز جي قيام تي توجهه ڏئي رهي آهي. ان شعبن ۾ ڊجيٽل ۽ آءِ ٽي، معيشت، زراعت ۽ زرعي ويليو چينز، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، صحت جي شعبي ۽ مهارتن تي ٻَڌل انساني سرمائي جو روانگي واپار شامل آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ، ريگيوليٽري نظام جي مضبوطي ۽ نجي شعبي جي قيادت ان شعبن ۾ پيداواري صلاحيت ۽ چٽاڀيٽيءَ ۾ بهتريءَ لاءِ بنيادي اهم رکن ٿا. ڌُرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته سيڙپڪاري ۽ مشاورتي مدد کي پاڪستان جي وچين مُدي جي ترقياتي ترجيحن سان هم آهنگ ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، پائيداري ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل ترقيءَ تي واضح توجهه ڏني وڃي. ملاقات ان گڏيل عزم سان پڄاڻيءَ تي پهتي ته تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪيو وڃي، ترجيحي قدمن تي عملدرآمد تيز ڪئي وڃي ۽ نجي سيڙپڪاريءَ کي متحرڪ ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ جامع اقتصادي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ منظم رابطا جاري رکيا ويندا.










