آسٽريليا ۾ بونڊي بيچ حملي سان پاڪستان کي ڳنڍڻ افسوسناڪ ۽ غيرذميواراڻو آهي: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته آسٽريليا ۾ بونڊي بيچ حملي سان پاڪستان کي ڳنڍڻ افسوسناڪ ۽ غيرذميواراڻو آهي، پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، افغانستان مان دهشتگرد عنصرن جي موجودگي ۽ دهشتگردن کي افغان سرزمين تي معاونت ملڻ جي اعتماد جوڳا ۽ ٺوس ثبوت موجود آهن. پريس بريفنگ ۾ هن چيو …

اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته آسٽريليا ۾ بونڊي بيچ حملي سان پاڪستان کي ڳنڍڻ افسوسناڪ ۽ غيرذميواراڻو آهي، پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، افغانستان مان دهشتگرد عنصرن جي موجودگي ۽ دهشتگردن کي افغان سرزمين تي معاونت ملڻ جي اعتماد جوڳا ۽ ٺوس ثبوت موجود آهن. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ڀارتي ميڊيا واقعي تي غلط معلومات ۽ پروپئگنڊه پکيڙي جڏهن ته بعد ۾ حملي آور ڀارتي ڄائو ۽ ڀارت جو پاسپورٽ هولڊر نڪتو. ترجمان چيو ته هڪ پاڪستاني جو نالو ۽ تصوير بنا تصديق جي ميڊيا تي ڏيکاري وئي، غلط رپورٽنگ سان هڪ بيگناهه ماڻهو ۽ ان جي خاندان کي خطرو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ان بابت غلط رپورٽنگ سان ڀارتي ميڊيا جي ساک کي شديد نقصان پهتو آهي، ڀارتي ميڊيا کي ذميواراڻو ۽ پيشيواراڻو رويو اختيار ڪرڻ گهرجي. ترجمان وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي وچ ۾ ملاقات بابت ڀارتي ميڊيا جي بي بنياد پروپئگنڊه کي پڻ رد ڪندي چيو ته اها ملاقات تمام گهڻي ڪارائتي ۽ مثبت رهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڀارت جي لاءِ پاڪستان جي فضائي حدن جي بندش ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿي، پاڪستان جي خلاف ڌمڪين ۽ ڀارتي سينيئر قيادت پاران پاڪستان جي خلاف جارحيت جي هڪ ٻي لهر جي بيانن جهڙا عمل فضائي حدن جي بندش جو سبب بڻيا. افغانستان بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي رپورٽ بابت ترجمان چيو ته دستاويزن پاڪستان جي ان موقف جي تصديق ڪئي آهي ته افغانستان ۾ دهشتگرد عنصرن جي موجودگي خطي جي امن ۽ سلامتي جي لاءِ وڏو خطرو آهي. هن چيو ته رپورٽ پاڪستان جي ان موقف جي پڻ توثيق ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي ترقي ۾ ايندڙ وڏيون رڪاوٽون جنگبندي جون خلاف ورزيون، سرحد جي بندش ۽ واپاري سرگرمين ۾ رڪاوٽون دهشتگرد عنصرن جي موجودگي سان ڳنڍيل آهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪ افغان جنگبندي جو مقصد افعانستان مان پاڪستان ۾ دهشتگردن جي حملن کي روڪڻ آهي. هن چيو ته افغان پاران حملا جاري رهڻ جي ڪري جنگبندي برقرار نه رهي. هن چيو ته افغانستان ۾ انساني امداد جي پهچ ۾ ڪا رڪاوٽ نه آهي جنهن ۾ دوائون به شامل آهن، تازو ئي کيپ جي اجازت ڏني وئي ۽ اهو طالبان حڪومت تي آهي ته اها ان کي قبول ڪري. هن چيو ته افغانستان ۾ دهشتگرد عنصرن جي موجودگي جا ٺوس ثبوت موجود آهن، دهشتگردن کي افغان سرزمين تي مدد ملڻ جا پڻ اعتماد جوڳا ثبوت آهن. ترجمان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ترڪمانستان جي تازي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته هن امن ۽ اعتماد تي عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ ترڪمانستان، ترڪيه، روس ۽ ايران جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته دوري دوران نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ايران، ڪرغزستان، عمان، ترڪيه، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جي هم منصبن کانسواءِ اقتصادي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان پڻ ملاقات ڪئي.

مزید خبریں