اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان ايسوسيئيشن اف پرائيويٽ ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل انسٽيٽيوشنز (پي اي ايم آءِ) پاران اٿاريل معاملن تي غور جي لاءِ ڪميٽي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير معياري ميڊيڪل ۽ ڊينٽل تعليم جي فروغ، منصفاڻي ۽ شفاف ٽيوشن فيس جي نظام جي قيام، …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پي اي ايم آءِ پاران اٿاريل معاملن تي غور جي لاءِ ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان ايسوسيئيشن اف پرائيويٽ ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل انسٽيٽيوشنز (پي اي ايم آءِ) پاران اٿاريل معاملن تي غور جي لاءِ ڪميٽي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير معياري ميڊيڪل ۽ ڊينٽل تعليم جي فروغ، منصفاڻي ۽ شفاف ٽيوشن فيس جي نظام جي قيام، ريگيوليٽري فريم ورڪ کي مضبوط بڻائڻ ۽ قومي صحت جي ضرورتن ۽ مستقبل جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اهل ۽ باصلاحيت طبي پيشيور ماڻهن جي تياري جي لاءِ حڪومت جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اجلاس ۾ صحت واري وفاقي وزير، ناڻي واري مملڪي وزير، پنجاب جي وزيراعليٰ جي صحت بابت صلاحڪار، نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيورليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت، پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نمائندن سميت پي اي ايم آءِ جي نمائندن شرڪت ڪئي.










