پاڪستان پاران ڀارتي رياست بهار جي وڏي وزير پاران هڪ مسلمان عورت سان بدسلوڪي تي سخت ردعمل ظاهر

اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي ڀارتي رياست بهار جي وڏي وزير پاران هڪ مسلمان عورت سان بدسلوڪي تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته هڪ سينيئر سياسي اڳواڻ پاران عورت جو حجاب زبردستي لاهڻ شرمناڪ ۽ غيرانساني فعل آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ڀارت ۾ اقليتن کي اڻوڻندڙ سلوڪ درپيش آهي، ڀارتي حڪومت اقليتن جي حقن خاص …

اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي ڀارتي رياست بهار جي وڏي وزير پاران هڪ مسلمان عورت سان بدسلوڪي تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته هڪ سينيئر سياسي اڳواڻ پاران عورت جو حجاب زبردستي لاهڻ شرمناڪ ۽ غيرانساني فعل آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ڀارت ۾ اقليتن کي اڻوڻندڙ سلوڪ درپيش آهي، ڀارتي حڪومت اقليتن جي حقن خاص طور تي مذهبي آزادي جو تحفظ يقيني بڻائي. هن چيو ته ڀارت ۾ مسلمان عورت سان بدسلوڪي ۽ انجو مذاق اڏائڻ مذمت جوڳو آهي، ڀارت ۾ مسلمان عورتن جي تذليل کي معمول بڻائڻ ڳڻتي جوڳو رجحان آهي، اهي واقعا ڀارت ۾ اسلامو فوبيا ۽ عدم برداشت جي عڪاسي ڪن ٿا، پاڪستان اقليتن جي حقن ۽ انساني وقار جي تحفظ جو مطالبو ڪري ٿو. ترجمان چيو ته ان واقعي کانپوءِ اتر پرديش ۾ هڪ وزير پاران ان واقعي جو کلي عام مذاق اڏايو ويو. هن چيو ته اسان سمورين ذميوار ڌرين ۽ ڀارتي حڪومت کي اپيل ڪريون ٿا ته اهي ان واقعي جي سنگيني کي سمجهن ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ، مذهبي آزادي جي احترام ۽ انساني وقار جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪن.

مزید خبریں