اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جاڙن شهرن ۾ ٻن وڌيڪ ترقياتي منصوبن جي رڪارڊ مدي ۾ تڪميل ۽ عوام کي سفري سهولتن جي فراهمي کي ساراهيندي چيو آهي ته اهي منصوبا نه رڳو راولپنڊي اسلام آباد پر سڄي پاڪستان مان ايندڙ عوام جي لاءِ فائديمند آهن، عوامي خدمت جو سفر جاري رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اقبال فلاءِ اوور/ ٽي چوڪ فلاءِ …
جاڙن شهرن ۾ ترقياتي منصوبا پاڪستان مان ايندڙ عوام جي لاءِ لاڀائتا آهن، عوامي خدمت جو سفر جاري رهندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جاڙن شهرن ۾ ٻن وڌيڪ ترقياتي منصوبن جي رڪارڊ مدي ۾ تڪميل ۽ عوام کي سفري سهولتن جي فراهمي کي ساراهيندي چيو آهي ته اهي منصوبا نه رڳو راولپنڊي اسلام آباد پر سڄي پاڪستان مان ايندڙ عوام جي لاءِ فائديمند آهن، عوامي خدمت جو سفر جاري رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اقبال فلاءِ اوور/ ٽي چوڪ فلاءِ اوور، اسلام آباد ايڪسپريس وي سگنل فري ڪوريڊور جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير، اسيمبلي ميمبر، سي ڊي اي ۽ ضلعي انتظاميا جا عملدار، ڪنٽريڪٽرز ۽ مقامي اڳواڻن جو وڏو انگ پڻ موجود هو. وزيراعظم گهرو وزير، سندس ٽيم ۽ ڪنٽريڪٽرز کي شاندار منصوبي جي تڪميل تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ان منصوبي کي به رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو. هن چيو ته عام ماڻهو جي سهولت لاءِ اهي منصوبا تمام اهميت رکندڙ آهن. هن چيو ته ڏيڍ سال ۾ بهاره ڪهو، ايف نائين، سرينا چوڪ، رسول چوڪ، مارگلا چوڪ، طيب اردوان فلاءِ اوور ۽ انڊر پاسز سميت ڪرنل شير خان ڪوريڊور، ميٽرو بس سروس جهڙا منصوبا نه رڳو جاڙن شهرن جي رهواسين پر سڄي پاڪستان مان ايندڙ عوام جي لاءِ فائديمند آهن. هن قبضن جو خاتمو ڪري منصوبي جي جلد تڪميل جي راهه هموار ڪندڙ آفيسرن کي پڻ شاباس ڏني. وزيراعظم چيو ته عوام کي سفر جي بهترين سهولتن جي فراهمي خوش آئنده آهي. هن شفافيت ۽ معيار کي يقيني بڻائيندي اڳتي وڌڻ ۽ عوامي خدمت جو سفر جاري رکڻ جي عزم جو ورجا ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ٽي چوڪ ۾ ٽريفڪ جام جو مسئلو معمول هو، ايڪسپريس وي سان گڏ سروس روڊ جو منصوبو پڻ جلد شروع ڪنداسين. هن چيو ته وفاقي گادي واري شهر جي ترقي جي لاءِ ويزن 2027ع تي عمل پيرا آهيون، ٻن سالن کانپوءِ هڪ نئون اسلام آباد ڏسڻ لاءِ ملندو، منصوبن ۾ شفافيت کي يقيني بڻائي رهيا آهيون، شاهين چوڪ منصوبو به پڄاڻي جي مرحلن ۾ آهي. هن اسلام آباد جي رهواسين جي لاءِ پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائي. ان کان اڳ وزيراعظم اقبال فلاءِ اوور ٽي چوڪ، اسلام آباد ايڪسپريس وي سگنل فري ڪوريڊور جو افتتاح ڪيو. هن منصوبي جو معائنو پڻ ڪيو ۽ وزيراعظم کي منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته راولپنڊي اسلام آباد جي وچ ۾ ٽريفڪ جي وهڪري ۾ رواني جي لاءِ منصوبي کي 77 ڏينهن جي رڪارڊ مدي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ ان تي هڪ ارب 40 ڪروڙ رپيا لاڳت آئي آهي.










