پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ صدين تي ٻڌل قديم، گهرا تاريخي ۽ ثقافتي رابطا آهن: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ صدين تي ٻڌل قديم، گهرا تاريخي ۽ ثقافتي رابطا آهن جيڪي قديم شاهراهه ريشم ۽ فارسي زبان جي ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن جن کي ٻئي ڀائر ملڪ قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس (پي اين سي اي) ۾ تاجڪستان ثقافت جي هفتي …

اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ صدين تي ٻڌل قديم، گهرا تاريخي ۽ ثقافتي رابطا آهن جيڪي قديم شاهراهه ريشم ۽ فارسي زبان جي ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن جن کي ٻئي ڀائر ملڪ قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس (پي اين سي اي) ۾ تاجڪستان ثقافت جي هفتي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري تاجڪستان جي ثقافت واري وزير ستوريون متلوباخون امون زودا جي قيادت ۾ ايندڙ تاجڪ ثقافتي وفد جي شاندار آجيان ڪئي. ان موقعي تي صدر سان گڏ تاجڪ ثقافت وارو وزير ۽ قومي ورثي ۽ ثقافت وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب خان کچي موجود هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته تاجڪ وفد جو هي دورو ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ مضبوط دوستي ۽ تعاون جي رشتن جو مظهر آهي. هن چيو تهص دين تائين اسان جو خطرو شاهراهه ريشم جي ذريعي هڪ ٻئي سان واڳيل رهيو جنهن ڏکڻ ايشيا کي وچ ايشيا سان ڳنڍيو، انهن رستن سان نه رڳو واپار پر خيال، زبانون،  شاعري ۽ روايتون پڻ منتقل ٿيون، عالم، شاعر ۽ سياح ان پوري خطي ۾ آزاداڻي اچ وڃ ڪندا رهيا جنهن سان هڪ گڏيل ثقافتي ورثو جڙيو جيڪو اڄ به اسان جي قومن کي ويجهو آڻي ٿو. صدر ان گڏيل تاريخ ۾ فارسي زبان جي خصوصي ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته ڪيترين ئي صدين تائين فارسي هن خطي، موجوده پاڪستان ۾ علم، شاعري ۽ انتظاميا جي زبان رهي. صدر چيو ته تاجڪستان ان عظيم ورثي جو فخر سان محافظ آهي، فارسي جا عظيم شاعر ۽ مفڪر اسان جي ٻنهي ملڪن ۾ قدر ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا جيڪا ان ڳالهه جي ياد ڪرائين ٿا ته ثقافت سرحدن کان مٿانهون هوندي آهي. هن چيو ته پاڪستان ثقافتي سفارتڪاري کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ هو ان ڳالهه تي خوش آهي ته اهڙي شاندار پروگرام جي ذريعي ثقافتي مٽاسٽا عملي شڪل اختيار ڪري رهي آهي. صدر چيو ته مون کي يقين آهي ته اسلام آباد ۽ لاهور ۾ تاجڪ وفد پاران منعقد ڪئي ويندڙ ثقافتي سرگرمين کي پاڪستاني عوام پاران ڀرپور ساراهيو ويندو، تاجڪ ثقافت واري وزير کي چئني صوبن جو دورو ڪرڻ ۽ تاجڪستان ثقافت هفتي جي پڄاڻي واري تقريب جي ميزباني جي دعوت ڏيان ٿو. صدر چيو ته اي سي او ۽ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جهڙين علائقائي تنظيمن جا ميمبر هجڻ جي ناطي پاڪستان ۽ تاجڪستان علائقائي تعاون، رابطن ۽ هم آهنگي جي وسيع تر ويزن ۾ پڻ شريڪ آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي دوستي گڏيل قدرن ۽ گڏيل مستقبل تي ٻڌل آهي. ان کان اڳ تاجڪ ثقافت واري وزير ستوريون متلوباخون امون زودا پاڪستان ۾ تاجڪستان ثقافت هفتي جي افتتاح تي خوشي جو اظهار ڪندي ان کي پنهنجي لاءِ اعزاز قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان – تاجڪستان ٻطرفا لاڳاپا قديم، روحاني، لساني، تاريخي ۽ ثقافتي آهن جيڪي سياسي، معاشي، سلامتي ۽ ثقافتي شعبن ۾ سگهه اختيار ڪري رهيا آهن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جي مضبوط علامت آهن. هن چيو ته موهن جو دڙو، ٽيڪسلا جا آثار قديمه، بادشاهي مسجد ۽ ٻيون تاريخي جايون پاڪستان جي عظيم تهذيبي ورثي جي علامت ۽ عالمي تهذيب جا حقيقي آثار آهن. تاجڪ ثقافت واري وزير چيو ته تاجڪستان ٻنهي قومن جي وچ ۾ لساني هم آهنگي کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ڇو ته اسان جي عوام فارسي – تاجڪ شاعري جي گڏيل ورثي جي امين آهي. هن چيو ته ملڪ جي اترئين علائقن خاص طور تي خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۽ ٻين علائقن ۾ رهندڙ تاجڪ شهري گڏيل ثقافتي هم آهنگي جي تاريخ جي نمائندگي ڪن ٿا. هن چيو ته اسان سرحدن جي لحاظ کان پاڙيسري نه آهيون پر روحاني حصيدار آهيون، اڄ منعقد ٿيندڙ تاجڪستان ثقافت هفتو امن، تعاون ۽ ثقافتي مڪالمي جو پيغام آهي. ثقافت ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي پنهنجي شروعاتي جملن ۾ صدر کي رياستي معاملن ۽ سياست ۾ مسئلن جي حل لا خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن اعليٰ سطحي تاجڪ وفد جي خصوصي آمد کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ صدين تي ٻڌل گهرا ثقافتي رابطا ۽ ويجهڙائپ موجود آهي جيڪا اسان جي ڊگهي مدي واري حصيداري جو بنياد آهي. تقريب دوران تاجڪ ثقافت واري وزير صدر کي تاجڪ زردوزي ڪوٽ ۽ تاجڪ ٽوپي جو تحفو پيش ڪيو. صدر آصف علي زرداري پڻ فارسي شعرن تي ٻڌل هڪ پورٽريٽ بطور تحفو پيش ڪيو جنهن کي تاجڪ وزير ٿورن سان قبول ڪيو. تقريب جي پڄاڻي تي تاجڪ موسيقي سان فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڪرنائي، غجڪ، تنبور، دوئيرا، طبلڪ، تاجڪ نَي (بانسري) ۽ دوتار سميت روايتي ساز وڄايا ويا.

مزید خبریں